پاڪستان بحرين کي پنهنجو ويجهو دوست ۽ بااعتماد حصيدار سمجهي ٿو: وزيراعظم محمد نواز شريف

پاڪستان بحرين کي پنهنجو ويجهو دوست ۽ بااعتماد حصيدار سمجهي ٿو: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29مارچ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان بحرين کي پنهنجو ويجهو دوست ۽ بااعتماد حصيدار سمجهي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپا گڏيل تاريخ، ثقافتي رابطن ۽ عوامي سطح تي رابطن تي ٻڌل آهن. هن اها ڳالهه بحرين جي صنعت، واپار ۽ سياحت واري وزير زيد آر الزياراني سان ڪالهه اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس ۾ ڳالهائيندي چئي جنهن وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. بحرين جو وفد شيخ حمد بن سلمان الخليفه بدر فريد، عبدالرحمان عيسيٰ السعد، سيد هشان الوائي سلمان الساڪن ۽ بحرين جي ٻين عملدارن تي ٻڌل هو. وزيراعظم ٻي پاڪ بحرين ڪاروباري موقعا ڪانفرنس ۾ بحرين جي فعال شرڪت کي ساراهيندي بحريني وفد کي پاڪستان جي واپاري ۽ سياحتي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ميدان ۾ تعاون سان ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته بحرين ۾ پاڪستاني برادري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ انساني پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. وزيراعظم شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بحرين جي واپار واري وزير شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه پاران وزيراعظم جي لاءِ نيڪ خواهشون پهچائيندي چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي رابطن کي سگهه ڏيڻ جي خاص مينڊيٽ سان آيو آهي. هن پاڪستان جي سفير جي حيثيت سان جاويد ملڪ جي ڪردار کي ساراهيندي اقتصادي سفارتڪاري بابت سندس مثبت ڪردار کي ساراهيو. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، واپار وارو وفاقي وزير خرم دستگير خان، بحرين ۾ پاڪستان جو سفير جاويد ملڪ ۽ سينيئر عملدار موجود هئا.