پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ قائم ڪيل خصوصي ڪميٽي جو اجلاس

پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ قائم ڪيل خصوصي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29مارچ2017ء) پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ قائم ڪيل خصوصي ڪميٽي آثار قديمه کاتي جي انتظام هيٺ لاهور، ڪراچي ۽ ٽيڪسلا عجائب گهرن مان قديم انساني تهذيب جي عڪاس ڪروڙين ڊالر ماليت جي سڪن ۽ نوادرات جي چوري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي آهي ته ان معاملي جي نئين سر جاچ ڪري پوليس ۽ کاتي جي لاڳاپيل ذميوارن جي خلاف ڪيس داخل ڪرايو وڃي. ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ڪنوينر جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن ميان عبدالمنان ۽ محمود خان اچڪزئي سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وزارت جي 2000 – 1999ع، 01 – 2000ع، 05 – 2004ع، 06 – 2005ع، 07 – 2006ع ۽ 09 – 2008ع جي آڊٽ اعتراضن تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. آڊٽ عملدارن پي اي سي کي ٻڌايو ته 1980ع ۾ ٽيڪسلا ۽ نيشنل ميوزيم ڪراچي مان تاريخي نوعيت جي 19 سوني جي سڪن سميت مجموعي طور تي 61 سڪا چوري ٿيا پر اڃا تائين ان جو ڪو حل سامهون ناهي آيو، ان تي پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته انهن سڪن جي ماليت ڪروڙين ۾ ٺهي ٿي ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، هيستائين جاچ جو نه ٿيڻ ڏوهاري غفلت آهي. محمود خان اچڪزئي چيو ته سڪا چوري ڪري انٽرنيشنل ميوزيم کي وڪرو ڪيا وڃن ٿا، اهي وڏيون خطرناڪ چوريون آهن. ميان عبدالمنان چيو ته ان معاملي جي نئين سر جاچ ڪري تازو ڪيس ٿيڻ گهرجي ۽ ان ۾ جيڪي ماڻهو به ملوث هجن انهن جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. پي اي سي جي پڇاڻي تي ميوزيم انتظاميا ٻڌايو ته شام 4 وڳي سيڪيورٽي پوليس جي حوالي ڪئي وڃي ٿي، لوڪ ورثه عملدارن ٻڌايو ته چوري اداري جي ملازم امان الله جي دور ۾ ٿي، پي اي سي ان کي طلب ڪري ورتو. محمود خان اچڪزئي چيو ته اڳ ۾ لاهور ميوزيم مان ٻُڌ جو مجسمو چوري ٿيو، اهي سڪا انمول آهن ڇو ته اهي صديون پراڻا ۽ قديم انساني تهذيب جا عڪاس آهن. هڪ سڪي جي ماليت عالمي سطح تي ڪروڙين ڊالر بڻجي ٿي. ڪميٽي هدايت ڪئي ته سڪن ۽ نوادرات جي چوري جي حوالي سان نئين سر جاچ شروع ڪري ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي ۽ انهن جي خلاف ڪيس داخل ڪرايو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آثار قديمه کاتي جي نگراني هيٺ لاهور ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ جهانگير جو مقبرو، دائي انگا جو مقبرو، انجنيئرنگ يونيورسٽي لاهور، عنايت باغ، مهابت خان جو مقبرو، زيب النساءَ جو مقبرو، نواب بهادر خان جو مقبرو، سرو والا مقبرو، فرنچ آفيسر جو مقبرو، چوبرجي جي يادگار ۽ شاعر مشرق علامه اقبال جي رهائشگاهه سميت ٻين تاريخي جاين تي پرائيويٽ ماڻهن قبضو ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب حڪومت جي نمائندي ڪميٽي کي ٻڌايو ته پنجاب جو وڏو وزير سڄي صورتحال کان آگاهه آهي ۽ پنجاب حڪومت ڪارروائي ڪندي 150 قبضا آزاد ڪرايا آهن. ڪميٽي پي اي سي سيڪريٽريٽ کي هدايت ڪئي ته تاريخي جاين تان قبضا ختم ڪرائڻ جي لاءِ چيف سيڪريٽري پنجاب کي خط لکيو وڃي.