ترڪمانستان، افغانستان، پاڪستان، ڀارت گئس پائيپ لائين (تاپي) پوري خطي جي لاءِ انتهائي اهميت وارو منصوبو آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

ترڪمانستان، افغانستان، پاڪستان، ڀارت گئس پائيپ لائين (تاپي) پوري خطي جي لاءِ انتهائي اهميت وارو منصوبو آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 03 -اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ترڪمانستان، افغانستان، پاڪستان، ڀارت گئس پائيپ لائين (تاپي) پوري خطي جي لاءِ انتهائي اهميت وارو منصوبو آهي، منصوبي جي جلد مڪمل ٿيڻ سان توانائي جي سيڪيورٽي ۽ علائقائي خوشحالي جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه اربع ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ ترڪمانستان جي پارليامينٽ جي چيئرپرسن اڪجانر برديف جي سربراهي ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جون گئس جون ضرورتون پوريون ڪرڻ کانسواءِ هي منصوبو علائقي کي اقتصادي ۽ سياسي لحاظ کان پاڻ ۾ ڳنڍڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ پارلياماني وفدن جي دورن سان ٻنهي ڀائرن ملڪن ۾ جمهوريت جي استحڪام ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جا دوستاڻا لاڳاپا آهن پر ٻطرفن لاڳاپن جو دائرو ۽ خاص طور تي اقتصادي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي. هن چيو ته اسان پارليامينٽ ميمبرن، پارلياماني ڪميٽين ۽ پارلياماني دوستي گروپن جي وچ ۾ وڌيڪ رابطا چاهيون ٿا. وزيراعظم ترڪمانستان جي آزادي جي 25 هين سالگرهه تي ترڪمانستان جي صدر قربان علي بردي محمدوف ۽ ترڪمانستان جي عوام کي دلي مبارڪباد ڏني ۽ ترڪمانستان جي صدر پاران نيڪ خواهشن جي جواب ۾ اهڙن جذبن جو اظهار ڪيو. ترڪمانستان جي پارليامينٽ جي چيئرپرسن پاڪستان ۾ سندس وفد جو شاندار استقبال ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ترڪمانستان جي صدر قربان علي بردي محمدوف پاران وزيراعظم محمد نواز شريف جي ڪامياب آپريشن تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ترڪمانستان جو صدر ذاتي طور تي مختلف منصوبن جي نگراني ڪري رهيو آهي ته جيئن انهن کي معياري انداز ۾ وقت سر مڪمل ڪري سگهجي. ترڪمانستان جي توانائي جي نائب وزير تاج محمد غلام محمدوف ان موقعي تي چيو ته تاپي گئس پائيپ لائين منصوبو ڊسمبر 2019ع تائين مڪمل ٿي ويندو. هن چيو ته 15 ڪلوميٽر پائيپ لائين اڳ ۾ ئي وڇائي وئي آهي جڏهن ته 80 ڪلوميٽر جي پائيپ لائين تي زميني ۽ فني ڪم جاري آهي. ترڪمانستان جي وفد ۾ ترڪمانستان جي پارليامينٽ جو نائب چيئرمين مقست باب بيف، پاڪستان ۾ ترڪمانستان جو سفير عطاد جان اين مولاموف ۽ ٻيا پارليامينٽ ميمبر شامل هئا جڏهن ته ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو خصوصي معاون طارق فاطمي، قومي اسيمبلي ميمبر شڪيلا لقمان ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.