آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل حڪومت کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين:وزيراعظم محمد نواز شريف

آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل حڪومت کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين:وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 03 -اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل حڪومت کي رياست جي معاملن کي بهتر بڻائڻجي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين. هو ڪالهه اربع ڏينهن هتي آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. وزيراعظم هائوس پاران جاري پڌرائي موجب ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد ۽ وزيراعظم جو خصوصي معاون ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي پڻ موجود هئا. وزيراعظم نواز شريف راجا فاروق حيدر خان کي آزاد ڪشمير جو نئون وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته نئين چونڊيل حڪومت آزاد ڪشمير جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندي. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام اسان جي منشور تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ هاڻي اها اسان جي گڏيل ذميواري آهي ته اسان ان جي خدمت ڪريون. ترقياتي ۽ انفراسٽرڪچر منصوبن تي موثر عملدرآمد ۽ اهي وقت سر مڪمل ٿيڻ گهرجن ته جيئن آزاد ڪشمير جي عوام اسان جي ترقياتي ايجنڊا مان فائدو کڻي سگهي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته سموري سرڪاري شعبي جي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ ميرٽ ۽ شفافيت کي نظر ۾ رکيو وڃي. سمورن ترقياتي منصوبن جو مقصد عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ هجي. هن چيو ته اچ وڃ جون بهتر سهولتون ۽ روڊ نيٽ ورڪ بهتر هجڻ سان آزاد ڪشمير جي خوبصورت علائقن تائين دنيا جي پهچ ممڪن ٿيندي ۽ ان سان علائقي ۾ اقتصادي سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام پاران چونڊن ۾ ڀرپور اعتماد ڪرڻ تي سندن دلي طور تي ٿورائتو آهيان، هاڻي اها اسان جي ذميواري آهي ته اسان پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاريون. ان موقعي تي راجا فاروق حيدر خان وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي کيس خاطري ڪرائي ته آزاد ڪشمير جي حڪومت قيادت جي ويزن تي ان جي روح موجب عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندي. چونڊيل حڪومت بنا ڪنهن سياسي وابستگي جي عوام جي اهڙي طرح خدمت ڪندي جهڙي طرح ان کي پوري آزاد ڪشمير جو مينڊيٽ مليو آهي.