پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن: سرتاج عزيز

پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن: سرتاج عزيز

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 11مارچ2017ء) پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن، باڪو ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ فوجي ۽ فني تعاون ٻه طرفي لاڳاپن جو اهم جزو آهي، اسلام آباد ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي 13هين سربراهه اجلاس جو ڪامياب انعقاد ميمبر ملڪن جو تنظيم کي فعال ۽ علائقائي بلاڪ ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش ۽ عزم جو عڪاس آهي، ٻئي ملڪ واپار ۾ اضافي لاءِ بين الحڪومتي ڪميشن تي به ڪم ڪري رهيا آهن، ڄمون ۽ ڪشمير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ بنيادي تڪرار آهي، آذربائيجان جي مشهور ميگزين آذري ڊاٽ ٽو ڊي کي انٽرويو ڏيندي تازي ايڪو سربراهه اجلاس بابت هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي صلاحڪار چيو ته ايڪو سربراهه اجلاس انتهائي ڪامياب رهيو، اجلاس علائقائي استحڪام ۽ ترقي لاءِ اسان جي اجتماعي خواهش کي اجاگر ڪيو آهي، ان اجلاس اسان کي خطي لاءِ خوشحالي ۽ ترقي جي اسان جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جو موقعو به فراهم ڪيو، هي ان ڳالهه جو به واضح ثبوت آهي ته پاڪستان خطي ۾ بامعنيٰ ترقي ۽ مثبت تبديلين لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ جو خواهشمند آهي، هن چيو ته سربراهه اجلاس سان علائقائي رابطن جي ذريعي خطي ۾ خوشحالي کي فروغ ملندو. وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر جي وچ ۾ ملاقات بابت هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي صلاحڪار چيو ته ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تعاون جاري رکڻ ۽ عالمي سطح تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي صلاحڪار چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، باڪو ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ فوجي ۽ فني تعاون ٻه طرفي لاڳاپن جو اهم حصو آهي پر اسان کي لاڳاپا صرف انهن شعبن تائين محدود نه ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جلد آزاداڻي واپاري معاهدو طئي ٿيندو، ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ افرادي قوت جي مٽاسٽا بابت مفاهمت جي دستاويز تي به ڪم جاري آهي.