هر شهري کي انصاف جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

هر شهري کي انصاف جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

لاهور (پاکستان نیوز پوائنٹ 11مارچ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته موجوده دور جي درپيش چئلينجن مان سرخرو ٿيڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس موثر ۽ عوام دوست پوليس فورس جي فراهمي حڪومت جو هدف ۽ ترجيح آهي، هر شهري کي انصاف جي فراهمي اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ٿاڻن ۾ ماحول ۽ شڪايتون کڻي ايندڙن لاءِ سازگار ۽ دوستاڻو هجڻ گهرجي، سمورين پوليس اسٽيشنن جي فرنٽ ڊيسڪ سينٽر لائز سسٽم سان ڳنڍيل هجڻ گهرجن، ايس ايل جي ڪامياب انعقاد تي پنجاب پوليس، سيڪيورٽي ادارا، فوج ۽ پي سي بي مبارڪباد جا مستحق آهن. هو ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هتي پوليس اسٽيشنن جي ڊجيٽلائيزيشن جي سلسلي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، وزيراعظم چيو ته سڌارا ادارن ۽ کاتن کي بهتر انداز ۾ فعال بڻائڻ جي بنياد هوندا آهن، انهن تي ڌيان نه ڏنو ويو ته هي ادارا بي فائدي بڻجي ويندا آهن، هن چيو ته بدقسمتي سان ملڪ جي ادارن ۾ ڪيتريون ئي مداخلتون ڪيون ويون ۽ ڪجهه ماڻهن پنهنجي مرضي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر کين ناڪامي ٿي، هن چيو ته ادارا بڻجڻ گهرجن ۽ جيڪي ماڻهو انهن لاءِ چونڊيا وڃن انهن کي انفرادي جهڪاءُ کانسواءِ اجتماعي ڀلائي کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته موجوده حڪومت کي تباهه حال رستن جو نيٽ ورڪ، ڊگهي لوڊشيڊنگ کانسواءِ نااهلي جي ور چڙهيل ادارا ورثي ۾ مليا، هن چيو ته جيتوڻيڪ ادارن کي وڌيڪ ڌيان ۽ جدت آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هو بهتر انداز ۾ ڪم ڪري سگهن. پنجاب جي گورنر محمد رفيق رجوانه، پنجاب جي وڏو وزير محمد شهباز شريف، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر رانا محمد اقبال خان، قانون واري صوبائي وزير رانا ثناءُ الله، انسپيڪٽر جنرل پنجاب مشتاق احمد سکيرا ۽ پوليس آفيسرن جي وڏي تعداد کانسواءِ پارليامينٽ جي ميمبرن، صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ شهيد پوليس اهلڪارن جا گهرڀاتي به ان موقعي تي موجود هئا، پنجاب حڪومت جي ڊجيٽلائيزيشن جي قدمن کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته ترقي يافته ملڪن جي طرز تي جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ حيران ڪندڙ آهي، ملڪ ۾ سمورين ڌرين کي قائم ڪيل هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن، هن چيو ته پوليس اسٽيشنن جي فرنٽ ڊيسڪ سينٽر لائز سسٽم سان ڳڍيل هجڻ گهرجن ته جيئن بهتر ڪارڪردگي ۽ مناسب مانيٽرنگ ٿي سگهي، وزيراعظم چيو ته شڪايت سميت ڪيترن ئي مسئلن تي بهتري جي گنجائش موجود آهن، هن چيو ته هر شهري کي انصاف جي فراهمي اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي جيڪو ڪرمنل جسٽس سسٽم بشمول ايف آءِ آر جي داخل ڪرڻ ۽ جاچ عمل ۾ بهتري جي ذريعي ئي ممڪن بڻائي سگهجي ٿو، وزيراعظم چيو ته پنجاب پوليس طرفان واکاڻ جوڳيون ڪوششون ڪيون ويون آهن جنهن سبب ان جي ماضي جي ڪم جو طريقيڪار ۾ تمام گهڻي بهتري آئي آهي ۽ ان جي رويي ۾ بهتري آئي جنهن سان هي موثر فورس بڻجي اڀري آهي، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ٿاڻن ۾ ماحول ۽ شڪايتون کڻي ايندڙن لاءِ سازگار ۽ دوستاڻو هجڻ گهرجي جنهن بابت منفي تاثر جون شڪايتون موجود آهن، هن چيو ته ايف آءِ آر جي رجسٽريشن ڪرمنل سسٽم ۾ اهم قدم هوندو آهي ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي گهرجي ته هو ان ۾ بهتري آڻين ۽ بهتر رويي ۽ آئوٽ لڪ جي حامل آفيسرن ۽ اهلڪارن کي شڪايتون اڪلائڻ تي مقرر هجڻ گهرجي. وزيراعظم موٽر وي پوليس جي ڪارڪردگي جي حوالو ڏنو ۽ چيو ته اهڙي طرح جا قدم مشڪل آهن پر ناممڪن نه آهن، هن چيو ته پوليس فورس بابت ٻيون شڪايتون جاچ عمل ۾ ڪوتاهين بابت آهن، جنهن سبب جوابدار بچي ويندا آهن، وزيراعظم جاچ عمل جي صلاحيتن ۾ بهتري لاءِ پوليس فورس جي تربيت تي زور ڏنو ۽ چيو ته سروس ڪميشن جي ذريعي نوجوان ۽ تعليم يافته کيپ کي ڀرتي ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ٻين صوبن کي به گهرجي ته هو پنجاب پوليس طرفان ڪيل بهتري جي تقليد ڪن ڇو ته هي حڪومت جو مشن آهي ته سمورين وفاقي ڌرين کي هڪجهڙي ترقي ڏئي سگهجي. هن چيو ته ڊجيٽلائيزيشن پروگرام تي عملدرآمد جو ڪريڊٽ پنجاب جي وڏي وزير محمد شهباز شريف، آءِ جي پنجاب سکيرا ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن ڏانهن وڃي ٿو. وزيراعظم پاڪستان سپر ليگ جي فائنل جي لاهور ۾ ڪامياب انعقاد تي نجم سيٺي کي به مبارڪباد ڏني، هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، فوج ۽ رينجرز، پوليس فورس ۽ انتظاميه جي ڪارڪردگي جي به واکاڻ ڪئي جنهن ان ميگا ايونٽ کي مخالفت جي باوجود ڪامياب بڻايو. دٻيل لفظن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته پوري قوم هڪ طرف هئي جڏهن ته ڪجهه عنصر ان ايونٽ جي مخالفت ڪري رهيا هئا، هن شهيد پوليس اهلڪارن جي قربانين کي به خراج عقيدت پيش ڪيو جن ملڪ ۽ قوم جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ ۽ کين دهشتگردي جي ڪينسر کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪيا، هن چيو ته قوم انهن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي، هن چيو ته هي انهن جي قربانين جو نتيجو آهي ته بازارن، ريسٽورانٽن ۽ پارڪن ۾ رونقون آهن، وزيراعظم وڏي وزير ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته شهيد پوليس اهلڪارن جي خاندانن جي مسئلن کان باخبر رهن. ان کان اڳ وزيراعظم کي آءِ جي آفيس پهچڻ تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. هن پوليس مانيٽرنگ روم، شڪايت سيل جو به دورو ڪيو جتي وزيراعظم کي ڊجيٽلائيزيشن بابت بريفنگ ڏني وئي، پنجاب جي وڏي وزير محمد شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ پوليس جي سگهه ۽ صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ کنيل قدمن ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ جي قدمن کان آگاهه. هن چيو ته سڀ کان پهرين پاڪستان جو نعرو هڻندڙن ملڪ کي ۽ ان جي وسيلن کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهچايو، هن پي ٽي آءِ جي سربراهه جو ذڪر ڪرڻ کانسواءِ حيرانگي جو اظهار ڪيو جنهن پي ايس ايل جي انعقاد جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته ان جي هن مخالفت جو بنياد حسد هو.