وزيراعظم ترڪي جو دورو مڪمل ڪري وطن واپس روانو

وزيراعظم ترڪي جو دورو مڪمل ڪري وطن واپس روانو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24فروری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ترڪي کان ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو آهي، ترڪي جي نوجوانن جي معاملن واري وزير احمد عاڪف ايسنبوگا ايئرپورٽ تي کيس الوداع ڪيو، ترڪي ۾ پاڪستان جو سفير سهيل محمود به ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم سان گڏ سندس گهرواري بيگم ڪلثوم نواز شريف، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن وارو وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي، واپار وارو وزير انجنيئر خرم دستگير ۽ وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن بابت خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي به موجود هئا.