بلاڪ ٿيل شناختي ڪارڊن بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس

بلاڪ ٿيل شناختي ڪارڊن بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23فروری2016ء) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي جي صدارت ۾ بلاڪ شناختي ڪارڊن بابت جوڙيل پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس نيشنل ڊيٽابيس ريگوليٽري اٿارٽي (نادرا) جي هيڊ آفيس اسلام آباد ۾ ٿيو، اجلاس ۾ بلاڪ ٿيل قومي شناختي ڪارڊن جي تصديق ۽ بحالي بابت معاملن کي غور هيٺ آندو ويو، ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پارلياماني ڪميٽي جي قيام جو مقصد بلاڪ ٿيل ڪارڊن جي تصديق جي لاءِ هڪ جامع پاليسي جوڙڻ آهي، جنهن تحت شفاف طريقي سان بلاڪ ٿيل قومي شناختي ڪارڊن جي جاچ پڙتال کي جلد ممڪن بڻايو وڃي. هن چيو ته جن ماڻهن جا قومي شناختي ڪارڊ بلاڪ آهن انهن کي شديد مشڪلاتون درپيش آهن، ان لاءِ ضروري آهي ته اهي ماڻهو جيڪي پاڪستاني شهري آهن ۽ انهن جو قومي شناختي ڪارڊ بلاڪ آهي انهن جي شناختي ڪارڊن جي تصديق جي عمل کي جلد مڪمل ڪري انهن کي درپيش مشڪلاتن کي ختم ڪيو وڃي. هن نادرا کي بلاڪ ٿيل شناختي ڪارڊن جي تصديق جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ڪميٽي بلاڪ ٿيل شناختي ڪارڊن جي لاءِ گهربل ڪاغذن تي ٻڌل فارم تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جيڪي درخواست گذارن کي نادرا جي مقامي آفيسن ۾ دستياب هوندا ۽ اتي جمع ٿيندا ۽ لاڳاپيل عملدار مقرر مدي اندر انهن جي جاچ پڙتال ڪري بلاڪ ٿيل شناختي ڪارڊن جي عارضي بحالي يا رد ڪرڻ جو فيصلو ڪندو، ان کان اڳ نادرا جي چيئرمين بلاڪ ٿيل شناختي ڪارڊن جي بحالي لاءِ ڪميٽي کي نادرا پاران جوڙيل پاليسي جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. نادرا جي ڊپٽي چيئرمين بلاڪ ٿيل شناختي ڪارڊن جي بحالي لاءِ ڪميٽي کي تجويز ڪيل طريقيڪار ۽ درخواست ڏيندڙن جي لاءِ نادرا پاران تيار ڪيل فارم جي تفصيل کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته هن وقت سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور تي 345، 510 شناختي ڪارڊ بلاڪ آهن، جنهن جي تصديق جو عمل جاري آهي، ڪميٽي بلاڪ ٿيل شناختي ڪارڊن جي تصديق جي عمل کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ عوام جي آساني لاءِ نادرا جي ضلعي سطح تي قائم آفيسن ۾ بلاڪ ٿيل شناختي ڪارڊن جي تصديق ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ڪميٽي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن طاهره اورنگزيب، شيخ روحيل اصغر، ميان عبدالمنان، ملڪ ابرار احمد، ڊاڪٽر عباد الله، خالد حسين مگسي، عبدالقهار خان، مولانا امير زمان، سردار ڪمال خان، ڊاڪٽر عمران خٽڪ، غلام مصطفيٰ شاهه، غلام احمد بلور، شيخ صلاح الدين، صاحبزاده طارق الله، نادرا جو چيئرمين عثمان مبين ۽ نادرا جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.