قومي اسيمبلي ۾ عبدالستار ايڌي ۽ والاريل شهيد ڪشميرين سميت ٻين لاءِ دعا

قومي اسيمبلي ۾ عبدالستار ايڌي ۽ والاريل شهيد ڪشميرين سميت ٻين لاءِ دعا

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔ یکم اگست۔2016ء) قومي اسيمبلي ۾ عبدالستار ايڌي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت سبب شهيد ٿيندڙ ڪشميرين، امجد صابري، اڳوڻي وفاقي وزير انور علي چيما سميت ٻين فوت ٿيندڙ ۽ شهيدن جي لاءِ ايصال ثواب ۽ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر حنيف محمد جي صحتيابي جي لاءِ دعا ڪرائي وئي. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران اسپيڪر سردار اياز صادق جي چوڻ تي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان عبدالستار ايڌي، قومي اسيمبلي ميمبر چوڌري حامد حميد جي والده، اڳوڻي وفاقي وزير چوڌري انور علي چيما، اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر ارباب محمد ظاهر خان، قومي اسيمبلي ميمبر نعيمه ڪشور خان جي سس، امجد صابري، اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر سردار طفيل، رينجرز ۽ آرمي جي شهيد ٿيندڙ جوانن، قومي اسيمبلي ميمبر غلام سرور خان جي ڀاءُ ۽ ڀيڻ، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت سبب مارجي ويل ڪشميرين، ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽر حنيف محمد جي صحتيابي جي لاءِ دعا ڪرائي.