صدر ممنون حسين سان وزيراعظم نواز شريف جي ملاقات

صدر ممنون حسين سان وزيراعظم نواز شريف جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔ یکم اگست۔2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف صدر ممنون حسين سان ڪالهه سومر ڏينهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي مجموعي صورتحال ۽ اهم قومي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ممنون حسين وزيراعظم کي صحتيابي تي هڪ ڀيرو ٻيهر مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم نواز شريف پوري توانائي سان ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندو رهندو. ملاقات ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي تحت توانائي جي جاري منصوبن، امن امان جي صورتحال، آپريشن ضرب عضب ۽ قومي معيشت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان موقعي تي صدر کي مختلف معاملن ۾ حڪومت جي پاليسين ۽ فيصلن کان پڻ آگاهه ڪيو. صدر چيو ته وزيراعظم ۽ سندس اقتصادي ٽيم پنهنجي مضبوط حڪمت عملي تحت قومي معيشت جي بهتري لاءِ قدر جوڳو ڪردار ادا ڪري رهي آهي جنهن کي عالمي سطح تي پڻ ساراهيو ويو. ٻنهي اڳواڻن اپيل ڪئي ته ملڪ ۾ استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ انهن ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ حڪومت سان تعاون ڪيو وڃي. ٻنهي اڳواڻن چيو ته حڪومت ترقياتي ايجنڊا تان پنهنجون ڌيان نه هٽائيندي ۽ ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي زندگي جي معيار ۾ بهتري لاءِ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪندي رهندي. هن چيو ته حڪومت ترقياتي عمل دوران قومي ناڻي جي صحيح ۽ شفاف استعمال کي هر صورت ۾ يقيني بڻائيندي ۽ بدعنواني کي ڪنهن به سطح تي برداشت نه ڪيو ويندو. صدر ۽ وزيراعظم آپريشن ضرب عضب دوران ملندڙ ڪاميابين تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين اهو آپريشن جاري رهندو. ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ جوانن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته ملڪ جي سمورن حصن ۾ مڪمل امن بحال جي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل جاري رهندو. صدر ۽ وزيراعظم پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي تعمير جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته اهو منصوبو نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. ٻنهي اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي عظيم الشان منصوبي سان سمورن صوبن ۽ خطن کي هڪجهڙا فائدا ملندا. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان کي درپيش مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي گامزن رکڻ جي لاءِ اتحاد ۽ ٻڌي تي زور ڏنو. ان موقعي تي خطي جي صورتحال جو پڻ جائزو ورتو ويو ۽ ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جيلاءِ سمورن پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻن لاڳاپن جي خواهش جو اظهار پڻ ڪيو.