موجوده حڪومت صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي يقين رکي ٿي: مريم اورنگزيب

موجوده حڪومت صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي يقين رکي ٿي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22فروری2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته موجوده حڪومت صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي يقين رکي ٿي، صحافي ڀلي پرائيويٽ ميڊيا سان هجي يا سرڪاري، منهنجي ٽيم جو حصو آهن. ڪالهه اربع ڏينهن هڪ بيان ۾ مملڪتي وزير چيو ته اڄ سپريم ڪورٽ ٻاهران جيڪو به ٿيو افسوسناڪ آهي. ڪجهه ئي دير ۾ مسئلو حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيان، ان معاملي تي ٻه مختلف موقف آهن پر اهي حل ٿي سگهن ٿا. انوشه رحمان وزيراعظم جي ڪابينا جي ذميوار ميمبر آهي ۽ وزيراعظم صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته مون گڏجي ويهي مسئلي جو حل ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي.