چونڊ سڌارن واري پارلياماني ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

چونڊ سڌارن واري پارلياماني ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22فروری2016ء) چونڊ سڌارن واري پارلياماني ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي اليڪشن ڪميشن کي هر قسم جي مالي خودمختياري ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته چونڊ قانون 2017ع جي مسودي تي ملندڙ 600 مان 57 تجويزن جو جائزو مڪمل ڪري ورتو آهي. ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن ڪنوينر زاهد حامد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سيد نويد قمر، ڊاڪٽر شيرين مزاري، شازيه مري، نعيمه ڪشور سميت ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چونڊ قانون 2017ع جي مسودي تي ملندڙ تجويزن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کانپوءِ مختصر بريفنگ ۾ زاهد حامد چيو ته ڪميٽي بل جي مسودي تي ايندڙ 600 تجويزن مان 57 تجويزن جو جائزو مڪمل ڪري ورتو آهي. سمورين تجويزن جو شقوار جائزو ورتو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن کي مالي خودمختيار بڻائڻ جي لاءِ ٻين ملڪن جي قانونن جو پڻ جائزو وٺي رهيا آهيون. ڪميٽي اليڪشن ڪميشن کي هر قسم جي مالي خودمختياري ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن کي بجيٽ ۽ نوڪريون پيدا ڪرڻ جي تجويز تي پڻ اتفاق ٿيو آهي. هن ٻڌايو ته ڪميٽي ۾ اتفاق راءِ وارو ماحول آهي. اليڪشن ڪميشن بابت تجويزن جو جائزو مڪمل ڪري ورتو آهي. چونڊن جي شفاف ۽ منصفاڻي هجڻ ۽ نتيجا جلد جوڙڻ جي لاءِ نئون طريقيڪار آڻي رهيا آهيون. هن ٻڌايو ته سمورا پرزائيڊنگ آفيسر چونڊن ۾ نتيجا رٽرننگ آفيسرن ۽ اليڪشن ڪميشن کي اليڪٽرانڪ بنيادن تي موڪليندا. سمورا رٽرننگ آفيسر به اهڙي طريقيڪار تحت نتيجا اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليندا.