سنڌ ۾ رينجرز کي ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ گهرايو ويو: وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان

سنڌ ۾ رينجرز کي ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ گهرايو ويو: وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان

ٽيڪسلا (پاکستان پوائنٹ نیوز۔30 جولائی۔2016) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته سنڌ ۾ رينجرز کي ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ گهرايو ويو ان تي ڪنهن کي ابهام نه هجڻ گهرجي، اهو نٿو ٿي سگهي ته رينجرز کي اختيار نه ڏنا وڃن ۽ ان کان ڪارڪردگي جي اميد ڪئي وڃي، اڍائي سالن ۾ رينجرز جانين جون قربانيون ڏئي ڪراچي ۾ امن قائم ڪيو، هڪ ٻن ڏينهن ۾ رينجرز کي اختيار ڏيڻ جو معاملو حل ٿي ويندو ۽ ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري آندي ويندي، اميد آهي ته سنڌ جو نئون وڏو وزير تعاون ڪندو،رينجرز کي قانوني حڪومت جي مڪمل حمايت حاصل آهي ۽ رهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هتي ٽيڪسلا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته جيستائين رينجرز کي اختيار ڏين جو معاملو آهي ان کي تڪراري بڻايو وڃي ٿو. هن رينجرز اختيارن ۾ واڌ جي معاملي کي تڪراري بڻائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن سپريم ڪورٽ جي حڪم تي شروع ٿيو. هن چيو ته جڏهن ڪراچي ۾ رينجرز مقرر ڪئي وئي ان وقت مون چيو هو ته قائم علي شاهه ڪراچي آپريشن جو ڪپتان هوندو. هن چيو ته صوبائي حڪومت جي مشاورت سان آپريشن شروع ٿيو ۽ آئين جي آرٽيڪل 148، 147 ۽ 149 تحت وفاقي حڪومت صوبي سان تعاون ڪري رهي آهي. هن چيو ته هاڻي نئون وڏو وزير آيو آهي اميد آهي ته ان جي اچڻ سان اهو مسئلو حل ٿي ويندو. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان سمورن ملڪن جو احترام چاهي ٿو ۽ جيڪو به معاهدو ٿئي ٿو ان جي پاسداري ڪرڻ رڳو پاڪستان تي نه معاهدي ڪندڙ ٻين ملڪن تي هڪ جهڙو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پرڏيهي اڏامن تي ڏنڊ هنيا پيا وڃن ۽ ويزائون جاري ڪرڻ جي حوالي سان تمام گهڻي بهتري آندي وئي آهي هاڻي ٻطرفي بنيادن تي هڪ ٻئي جي شهرين جو هڪ جهڙو احترام ٿيندو. هن چيو ته ڪويت سان 2013ع ۾ معاهدو ٿيو، ڪويتي آفيشل پاسپورٽ هولڊرز جي لاءِ پاڪستان ۾ ڪا رڪاوٽ نه هئي پر پاڪستاني آفيشلز جي لاءِ جڳهه جڳهه تي رڪاوٽون هيون جنهن سبب ڪويت سان اهو معاهدو ملتوي ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ڊي جي رينجرز جي ڪراچي آپريشن ۾ ڪردار کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته هن رينجرز جي ڪردار کي مثال بڻايو آهي. رينجرز هڪ سول آرمڊ فورس آهي جيڪا گهرو وزارت جي ماتحت آهي، اميد آهي ته ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ رينجرز جي قيام جي مدي ۾ واڌ جو معاملو حل ٿي ويندو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:41