چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس 2 آگسٽ تي ٿيندو

چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس 2 آگسٽ تي ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔30 جولائی۔2016) چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو 61 هون اجلاس 2 آگسٽ تي پارليامينٽ هائوس ۾ ڪنوينر زاهد حامد جي صدارت ۾ ٿيندو. اجلاس ۾ نادرا چيئرمين ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي ووٽر جي حيثيت سان داخل ڪرڻ بابت ڊاڪٽر عارف علوي جي تجويز تي بريفنگ ڏيندو. اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽري اليڪٽرانڪ ووٽنگ اسٽيشنن ۽ بايوميٽرڪ ووٽرن جي تصديق جي لاءِ مشينن جي خريداري تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندو. سينيٽ جي ميمبرن جي چونڊ جي لاءِ سينيٽ جي ڪميٽي جي سفارشن کانسواءِ پرڏيهه رهندڙ پاڪستانين کي درپيش مشڪلاتن تي سينيٽ جي اوورسيز پاڪستانين بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي خصوصي رپورٽ تي پڻ غور ڪيو ويندو. ان کانسواءِ هڪ جهڙي چونڊ قانون 2016ع جي مسودي تي پڻ وڌيڪ غور ڪيو ويندو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 16:58