سينيٽ ۾ مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ ميمبرن پاران اليڪٽرانڪ ڏوهن کي روڪڻ واري بل 2016ع جي حمايت

سينيٽ ۾ مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ ميمبرن پاران اليڪٽرانڪ ڏوهن کي روڪڻ واري بل 2016ع جي حمايت

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیو ز 29۔جولائی۔2016ء) سينيٽ ۾ مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ ميمبرن اليڪٽرانڪ ڏوهن کي روڪڻ جي بل 2016ع جي حمايت ڪندي چيو آهي ته ان قانون جي ضرورت هئي، بل ۾ موجود جهولن کي ختم ڪيو ويندو، ضرورت پوڻ تي وڌيڪ ترميم ڪري سگهجي ٿي، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران اليڪٽرانڪ ڏوهن کي روڪڻ جي بل جي منظوري کان اڳ ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي عوامي نيشنل پارٽي جي سينيٽر شاهي سيد چيو ته ڪجهه سينيٽر ڪميٽي ۾ ناهن ايندا ۽ جڏهن ايندا آهن ته چوندا آهن ته انهن کي شروع کان بريفنگ ڏني وڃي، اهو نه هئڻ گهرجي، ان بل جي حوالي سان ماضي ۾ به ڪوششون ٿيون پر ڪاميابي حاصل نه ٿي، پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته بل جي حوالي سان انهن ماڻهن کي به ٻڌو ويو جيڪي متاثر به نه هئا، ڪيترن ئي ميمبرن بل جي حوالي سان محنت ڪئي آهي، سول سوسائٽي، اين جي اوز کي به ٻڌو ويو آهي، سڀني سان مشاورت ڪئي وئي آهي، هن چيو ته هڪ پروپيگنڊا هلي رهي هئي ته اهو ڪارو قانون آهي، اهو نه ڪارو قانون آهي نه اڇو آهي، نقص ختم ڪرڻ لاءِ اسان موجود آهيون، قانون ۾ بنيادي انساني حقن جو به خيال رکيو ويو آهي، هن چيو ته ڪجهه قوتون اسان جي مذهب ۽ ملڪ کي بدنام ڪرڻ چاهين ٿيون، اسان کي پنهنجو مذهب ۽ پنهنجو وطن سڀ کان وڌيڪ عزيز آهي، ايم ڪيو ايم جي سينيٽر ڪرنل (ر) سيد طاهر حسين مشهدي چيو ته ايم ڪيو ايم ان بل جي تصور جي حمايت ڪري ٿي ته جيئن سوشل ميڊيا کي چيڪ ڪري سگهجي، هن چيو ته بنيادي انساني حقن جو تحفظ هئڻ گهرجي ۽ بل جي آڙ ۾ ڪنهن معصوم کي نشانو نه بڻايو وڃي. سينيٽر نعمان وزير چيو ته حڪومت اسان جي تجويزن کي قبول ڪرڻ ۾ ڪنهن جلد بازي کان ڪم نه ورتو، اسان جي تجويزن جي آجيان ڪئي وئي جيتوڻيڪ مخالف ڌر جي اڳواڻن اسان کي نظر انداز ڪيو، سينيٽر حافظ حمد الله چيو ته ڪميٽي يا حڪومت بل جي حوالي سان سڀني کي اعتماد ۾ ورتو، پر اسان کي اعتماد نه ورتو، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کي بل کان آجو ڪيو ويو آهي جيڪو غلط آهي، سينيٽر مير ڪبير چيو ته بل جي حوالي سان مشاورت وقت سر هئڻ گهرجي، سينيٽر عتيق شيخ چيو ته بل جي حوالي سان خدشا موجود آهن، شيري رحمان چيو ته ان قانون ۾ بهتري جي وڌيڪ گنجائش موجود آهي، اسان ان کي ڪارو قانون ٺهڻ کان بچايو آهي، سينيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو ته مشاورت جو اهتمام وقت سر ڪيو وڃي، سينيٽر سيعد مندوخيل چيو ته قنديل بلوچ ۽ سلمان تاثير جي قتل ۾ ميڊيا جي رويي سبب اشتعال پکڙيو، ان حوالي سان قدمن جي ضرورت آهي، سينيٽر رحمان ملڪ چيو ته اهو بل پنجن سالن کان التوا هيٺ آهي، 2012ع ۾ به اهو ئي بل کڻي آياسين ته ان جي مخالفت ڪئي وئي، هن چيو ته اهو نيشنل ايڪشن پلان جو حصو آهي ۽ سڀني پارٽين اتفاق ڪيو آهي ته سائيبر ڏوهن جي حوالي سان بل اچڻ گهرجي، اسان گڏجي اتحاد سان ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقيوم چيو ته ڪميٽي ۽ سينيٽر مبارڪباد جا مستحق آهن، جن ان بل تي ڪم ڪيو، انساني حقن جي پنهنجي اهميت آهي، پر ملڪي سلامتي به مٿانهين هجڻ گهرجي، مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته بل جي حوالي سان سينيٽر فرحت الله بابر ۽ ٻين کانسواءِ ڪريم احمد خواجه به گهڻي محنت ڪئي آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير انوشه رحمان ۽ قانون وارو وزير زاهد حامد جو رويو مثبت رهيو، اسان 50 کان وڌيڪ ترميمن تي اتفاق راءِ پيدا ڪيو آهي، اهي ترميمون اسان پيش ڪيون هيون، جيڪو قانون آندو پيو وڃي اهو مڪمل نه آهي، جيڪڏهن اسان اتفاق راءِ نه ڪيون ها ته جيڪو بل قومي اسيمبلي موڪليو آهي اهو ئي منظور ٿي سگهي پيو، قومي اسيمبلي جيڪو بل منظور ڪري موڪليو اهو نامڪمل ۽ ناڪافي هو ان ۾ پنجاهه کان وڌيڪ ترميمون ڪرڻيون پيون، اسان ان بل ۾ بهتري آندي آهي، هن ايم ڪيو ايم جي پارلياماني اڳواڻ سيد طاهر حسين مشهدي کان غير مشروط معافي گهري ته ان سان مشاورت نه ڪئي وئي، هن چيو ته بل تي غور دوران سندس پارٽي جي خدشن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي، هن چيو ته نعمان وزير جي گلا جو سبب سمجهه ۾ نه آيو ڇاڪاڻ جو شبلي فراز مشاورت جي دوران موجود هو، هن ايم ڪيو ايم کي درخواست ڪئي ته بل جي منظوري جي عمل ۾ ايوان ۾ موجود رهي، بل اتفاق راءِ سان ايندو، بل ۾ پارلياماني ۽ عدالتي نگراني شامل ڪئي وئي آهي ۽ ان کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو، هن چيو ته قائدايوان هر وقت مخالف ڌر سان گڏجي هلڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهندو آهي، بل ۾ وڌيڪ ترميم جي لاءِ حڪومت تعاون جي خاطري ڪرائي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:09