سينيٽ پاران انساني حقن بابت فنڪشنل ڪميٽي جي رپورٽ منظور

سينيٽ پاران انساني حقن بابت فنڪشنل ڪميٽي جي رپورٽ منظور

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیو ز 29۔جولائی۔2016ء) سينيٽ ملڪ ۾ عورتن کي جيئرو ساڙڻ جي واقعن ۽ ان لعنت کي ختم ڪرڻ جي تعزيرات پاڪستان جي باب ”عورتن جي خلاف ڏوهه“ ۾ حڪم واضح ڪرڻ جي طريقيڪار تجويز ڪرڻ جي حوالي سان انساني حقن بابت فنڪشنل ڪميٽي جي رپورٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران انساني حقن بابت فنڪشنل ڪميٽي جي چيئرپرسن سينيٽر نسرين جليل پاران سينيٽر جهانزيب جمالديني ان معاملي تي ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي. بعد ۾ ان اها رپورٽ غور هيٺ آڻڻ ۽ منظور ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي، جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 15:21