قائداعظم محمد علي جناح ۽ شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي مزارن تي هر سال گلن جون چادرون چاڙهيون وينديون آهن:قومي اسيمبلي کي آگاهي

قائداعظم محمد علي جناح ۽ شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي مزارن تي هر سال گلن جون چادرون چاڙهيون وينديون آهن:قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02 فروری2016ء) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح ۽ شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي مزارن تي هر سال گلن جون چادرون چاڙهيون وينديون آهن، باباءِ قوم پاڪستان جو باني آهي، ان جي مزار جي ذميداري وفاق جي آهي، لياقت علي خان سميت ٻين اهم اڳواڻن جي مزارن تي گلن جون چادرون چاڙهڻ جي لاءِ لاڳاپيل وزارتن کي چونداسين. ڪالهه خميس ڏينهن سوالن واري وقفي دوران ڊاڪٽر نگهت شڪيل جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري محسن شاهنواز رانجها ٻڌايو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح ۽ شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي مزارن تي هر سال کين خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ گلن جون چادرون چاڙهيون وينديون آهن، پاڪستان جو باني هجڻ سبب سندس مزار جي ذميداري وفاق جي آهي، لياقت علي خان سميت ٻين اهم اڳواڻن جي مزارن تي گلن جون چادرون چاڙهڻ جي لاءِ وزارت کي چونداسين، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي پاڪستان ۾ جمهوريت جي لاءِ نمايان خدمتون ۽ قربانيون آهن، حڪومت سدائين انهن کي ساراهيو آهي، انهن شهيدن جي قربانين جو اعتراف به يقيني طور تي ٿيڻ گهرجي۔