فلسطين جو صدر پاڪستان جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو

فلسطين جو صدر پاڪستان جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 01 فروری2016ء) فلسطين جو صدر محمود عباس پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڪالهه اربع ڏينهن وطن واپس روانو ٿي ويو. صدر ممنون حسين نور خان ايئربيس تي پنهنجي فلسطيني هم منصب کي شاندار انداز ۾ رخصت ڪيو. صدر محمود عباسس کي سندس پاڪستان جي دوري بابت تصويري البم پڻ پيش ڪيو ويو. وفاقي گادي واري شهر ۾ رهڻ دوران صدر محمود عباس وزيراعظم محمد نواز شريف سان باضابطا ڳالهيون ڪيون ٻنهي اڳواڻن فلسطيني سفارتخاني جي نئين عمارت جو افتتاح پڻ ڪيو. صدر ممنون حسين ايوان صدر ۾ فلسطيني صدر جي مان ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو