واپاري تنظيمون (ترميمي) بل 2017ع ملتوي

واپاري تنظيمون (ترميمي) بل 2017ع ملتوي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 31جنوری2016ء) واپاري تنظيمون (ترميمي) بل 2017ع ملتوي ڪيو ويو آهي، ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ صاحبزاده طارق الله رٿ پيش ڪئي ته واپاري تنظيمون (ترميمي) بل 2017ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، واپار واري وزير خرم دستگير خان چيو ته ان حوالي سان اسان جامع بل آڻي رهيا آهيون، اسان وڌ کان وڌ سمال بزنس جي ماڻهن کي چيمبر آف ڪامرس جي ميمبرشپ ڏيڻ چاهيون ٿا، ان لاءِ وقتي طور تي بل کي ملتوي ڪيو وڃي، صاحبزاده طارق الله چيو ته بل کي ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي ۽ جڏهن حڪومت پنهنجو بل واپس آڻي هي ان سان گڏ ڪلپ ڪيو ويندو، انجنيئر خرم دستگير چيو ته اسان وڌ کان وڌ ماڻهن کي منظم طريقي سان ميمبرشپ ڏيڻ چاهيون ٿا، هي بل موجوده واپاري تنظيمن جي قاعدي سان هڪجهڙائي نٿو رکي، ان خاطري تي صاحبزاده محمد يعقوب بل کي وقتي طور تي ملتوي ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو.