قومي اسيمبلي ۾ آئيني (ترميمي) بل 2017ع پيش

قومي اسيمبلي ۾ آئيني (ترميمي) بل 2017ع پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 31جنوری2016ء) قومي اسيمبلي ۾ آئيني (ترميمي) بل 2017ع پيش ڪيو ويو جنهن کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ نعيمه ڪشور خان رٿ پيش ڪئي ته دستور (ترميمي) بل 2017ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ چيو ته شراب پيئڻ تي پابندي جي لاءِ هي بل مددگار ثابت ٿيندو، هن چيو ته اسلام سميت ڪنهن به مذهب ۾ شراب پيئڻ جي اجازت نه آهي، قانون واري وزير زاهد حامد مخالفت نه ڪئي، ايوان مان اجازت ملڻ تي نعيمه ڪشور خان بل ايوان ۾ پيش ڪيو.