پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ سينيٽرن کي نمائندگي ملڻ تاريخي ڪاميابي آهي:ميان رضا رباني

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ سينيٽرن کي نمائندگي ملڻ تاريخي ڪاميابي آهي:ميان رضا رباني

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔28 جولائی۔2016) قق سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني پارليامينٽ جي گڏيل پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي جوڙجڪ جي سلسلي ۾ ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ سينيٽرن کي نمائندگي ملڻ تاريخي ڪاميابي آهي، جڏهن ته قائدايوان سينيٽر راجا ظفر الحق چيو آهي ته اهو معاملو افهام و تفهيم سان حل ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. خميس ڏينهن سينيٽ ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ سينيٽرن کي نامزدگي ملڻ جي رٿ جي منظوري جي موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني چيو ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پارليامينٽ جي گڏيل پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سلسلي ۾ زبردست ڪوششون ڪيون آهن جنهن تي کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، چيئرمين چيو ته ايوان ناڻي واري وزير جي ڪوششن کي واکاڻي ٿو. اهو تاريخي موقعو آهي ته ارڙهين ترميم جي روشني ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ سينيٽرن کي نمائندگي ملي رهي آهي. هن چيو ته هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي ان معاملي کي ايجنڊا تي آڻڻ جي اجازت ڏني آهي، ايوان اجازت ڏي ته قائدا معطل ڪرڻ جي رٿ آڻي ان معاملي تي ڪارروائي اڳتي وڌائي وڃي. هن ايوان جا قاعدا معطل ڪرڻ جي منظوري حاصل ڪئي، قائدايوان سينيٽر راجا ظفر الحق چيو ته هڪ پراڻي مطالبي کي سٺي طريقي سان پورو ڪيو ويو آهي اهو معاملو افهام و تفهيم سان حل ڪيو ويو آهي، ان تي مبارڪباد ڏيان ٿو. ان سان ٻئي ايوان ويجهو اچي ويندا ۽ پارلياماني جمهوري نظام مستحڪم ٿيندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:12