سڀني صوبن جي مشاورت سان قومي ٻيلا پاليسي تيار ڪئي وئي آهي: وفاقي وزير زاهد حامد

سڀني صوبن جي مشاورت سان قومي ٻيلا پاليسي تيار ڪئي وئي آهي: وفاقي وزير زاهد حامد

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17نوری2016ء) موسمياتي تبديلين واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو آهي ته سڀني صوبن جي مشاورت سان قومي ٻيلا پاليسي تيار ڪئي وئي آهي، ماحول جي تحفظ لاءِ سڀئي انتظام ڪيا ويندا، اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر اعظم سواتي ، مظفر حسين شاهه ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته اسان صوبن کي چيو آهي ته جيڪڏهن هو گرين پاڪستان پروگرام جي لاءِ جيتري رقم مختص ڪندا ته اوتري ئي رقم وفاقي حڪومت ڏيندي، هن پروگرام جي لاءِ پي ايس ڊي پي ۾ 2 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، هن چيو ته ٻيلا پاليسي جي گڏيل مفادن واري ڪائونسل اصولي طور منظوري ڏني آهي، وفاقي حڪومت هڪ قومي اسٽيئرنگ ڪميٽي به جوڙي آهي. جنهن جو مقصد ٻيلن جي خاتمي ۽ ٻيلن جو معيار ڪرڻ کي روڪڻ جي لاءِ گئسون خارج ٿيڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي، هن ڪميٽي ۾ صوبن کي به نمائندگي ڏني وئي آهي، هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ هاڻي ٻيلن جي تحفظ ۽ وڪري جو معاملو صوبن جي دائري اختيار ۾ هليو ويو آهي، ماحولياتي آلودگي ۾ ڪردار جي حوالي سان پاڪستان جو نمبر 135 هون آهي، پر پوءِ به پاڪستان آبهوا ۾ تبديلي سان ظاهر ۾ متاثر ٿيڻ وارن ملڪن ۾ ستين نمبر تي آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 13:29