پاڪستان روانگي واپار جي شعبي ۾ ترقي ڪري رهيو آهي: وفاقي وزير خرم دستگير خان

پاڪستان روانگي واپار جي شعبي ۾ ترقي ڪري رهيو آهي: وفاقي وزير خرم دستگير خان

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17نوری2016ء) واپار واري وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو آهي ته پاڪستان روانگي واپار جي شعبي ۾ ترقي ڪري رهيو آهي، روانگي واپار جي پنجن شعبن تي ٽيڪس ختم ڪرڻ سان روانگي واپار وڌائڻ ۾ مدد ملندي، ترڪي ۽ ٿائيلينڊ سان آزاد واپاري معاهدي جي لاءِ ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ان سان ملڪي معيشت کي فائدو ٿيندو. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران سينيٽر سيد طاهر حسين مشهدي ۽ سليم مانڊوي والا جي سوالن جي جواب ۾ واپار واري وفاقي وزير خرم دستگير خان ايوان کي ٻڌايو ته ملڪ گذريل ٽن سالن کان واپاري خساري کي منهن ڏئي رهيو آهي، اهو خسارو اسان کي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان درپيش آهي، 16 -2015ع دوران واپاري خسارو 23 ارب 96 ڪروڙ روپيا رڪارڊ ڪيو ويو، هن چيو ته وزيراعظم برآمد ڪندڙن جي لاءِ 180 ارب روپين جي ڊيوٽي ڊرا بيڪ سپورٽ جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن اسان جا روانگي واپار ڪندڙ دنيا جي ٻين روانگي واپارين جو مقابلو ڪري سگهن. هن چيو ته گذريل سال نومبر ۾ اسان جي روانگي واپار ۾ 2015ع جي ان عرصي جي ڀيٽ ۾ 6.2 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته اسان آزاد واپار جي معاهدن تي نظرثاني ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته دنيا هاڻي تبديل ٿي چڪي آهي، ڪپهه جي پيداوار ۾ گهٽتائي سبب ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ ڪچو ڪپهه درآمد ڪرڻي پوندي آهي، هن چيو ته ملڪ کي خدمتن جي شعبي ۾ به واپاري خسارو درپيش آهي. پر گذريل مالي سال دوران خدمتن ۾ واپاري خساري ۾ 18.54 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، هن ٻڌايو ته ترڪي ۽ ٿائيلينڊ سان آزاد واپار جي معاهدي لاءِ ڳالهيون ٿي رهيون آهن ان سان ملڪي معيشت کي فائدو ٿيندو. ان معاهدي دوران ملڪ جي مفادن جو مڪمل خيال رکيو ويندو. هن چيو ته حڪومت واپاري خساري تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ڪپهه جي پيداوار جي شعبي ۾ چئلينج موجود آهن ۽ ان حڪومت جي دور ۾ هڪ سال ۾ 15.1 ملين ڳٺڙين جي رڪارڊ پيداوار ٿي آهي، صوبن کي به ڪپهه جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ تعاون ڪرڻو پوندو. پلانٽ بريڊرز ايڪٽ جي منظوري به پيداوار ۾ اضافي ۾ مدد ڏيندي. هن چيو ته گذريل سال ڪپهه جي پيداوار 9.1 ملين ڳٺڙيون ۽ هن سال 10.5 ملين ڳٺڙيون رهيون. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م13:19