عمران خان بار بار عدالت جي ٻاهران پنهنجو ڪيس وڙهي رهيو آهي: مريم اورنگزيب

عمران خان بار بار عدالت جي ٻاهران پنهنجو ڪيس وڙهي رهيو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 16نوری2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان بار بار عدالت جي ٻاهران پنهنجو ڪيس وڙهي رهيو آهي، عدالت ٻاهران ڪيس وڙهندڙن کي مايوسي کانسواءِ ڪجهه نه ملندو، عمران خان عدالت کان ٻاهر اچي چيو ته اسان وڊيو گيمز کيڏي رهيا هئاسين، عمران خان گذريل ٽن سالن کان وڊيو گيمز ئي کيڏي رهيو آهي ۽ آئنده به وڊيو گيمز ئي کيڏندو رهندو، وزيراعظم ڪڏهن ڪوڙ ناهي ڳالهايو ڇو ته هو ڪوڙ ڳالهائڻ جو عادي نه آهي اها عادت ڪنهن ٻئي جي آهي، جيڪڏهن عمران خان اهو چاهي ٿو ته هو بنا ڪنهن ثبوت جي وزيراعظم نواز شريف کي ان عهدي تان برطرف ڪرائي ڇڏيندو ته ائين نه ٿو ٿي سگهي، خواهشن جي بنياد تي عدالت ۾ ڪيس نه ٿا وڙهيا وڃن، عمران خان 2018ع کان نه پر هينئر کان ئي مريم نواز کان ڊڄي رهيو آهي، عمران خان ادارن جي عزت ۽ احترام جو خيال رکي، اڄ سندس بيان ته اڌ سپريم ڪورٽ سمهي رهيو هو، توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو، حقيقت اها آهي ته عمران خان پاڻ غفلت جي ننڊ سمهي رهيو آهي ۽ قوم کي گمراهه ڪري رهيو آهي، عمران خان کي جيڪو منهن ۾ اچي ٿو ڳالهائي ڇڏي ٿو. ڪالهه سومر ڏينهن هتي سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم نواز شريف پارليامينٽ ۾ يا عوام کي خطاب دوران ڪڏهن ڪا متضاد ڳالهه ناهي ڪئي ۽ نه ئي ڪوڙ ڳالهايو ڇو ته هو ڳالهائڻ جو عادي نه آهي، اها عادت ڪنهن ٻئي جي آهي ۽ بار بار اهو سچ سامهون اچي وڃي ٿو ته اها قابليت ڪنهن ۾ آهي. مملڪتي وزير چيو ته عمران خان گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان عدالت ٻاهران اچي پنهنجو ڪيس وڙهي رهيو آهي، هو اڄ اهو چئي رهيو آهي ته عدالت ۾ پاناما پيپرز بابت ڳالهه نه ٿي رهي هئي، نواز شريف بابت ڳالهه نه ٿي رهي هئي، مريم اورنگزيب چيو ته وزراعظم نواز شريف جو وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ دليل ڏئي رهيو آهي ۽ ڇو ته ميان محمد نواز شريف جو پاناما ڪيس سان ڪو تعلق نه آهي، ان لاءِ پاناما جو ذڪر نه ٿي رهيو آهي، ٻئي طرف ڪورٽ ۾ اسان جي وڪيل اهڙو فيصلو پڙهي ٻڌايو جنهن جو تعلق پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عمران خان سان هو، کيس شرمندگي کان بچائڻ جي لاءِ پورو ڪيس نه پڙهيو ويو پر ان جي جيڪا سڀ کان اهم ڳالهه آهي اها اها آهي ته ان فيصلي جي جواب ۾ عمران خان چوي ٿو ته هن اليڪشن کان اڳ جيڪو به چيو ۽ ڪيو ان جو هو جواب نه ٿو ڏئي سگهي ۽ ان جو جواب نه ٿو وٺي سگهجي. مملڪتي وزير چيو ته ان جي ابتڙ عمران خان ٽي ڀيرا چونڊيل وزيراعظم جي والد جو 1937ع کان حساب گهري رهيو آهي ۽ اسان اهو حساب ڏئي رهيا آهيون، اڄ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن تسليم ڪيو ته اهي ڪورٽ جي اندر وڊيو گيم کيڏي رهيا هئا، مريم اورنگزيب چيو ته حقيقت ۾ پي ٽي آءِ وارا گذريل ٽن سالن کان وڊيو گيمز کيڏي رهيا آهن ۽ هن ڪيس جي فيصلي کانپوءِ 2018ع تائين هو وڊيو گيمز ئي کيڏندا. هن چيو ته عمران خان جي وڪيل پاڻ پنهنجي دليلن تان پوئتي هٽي رهيو آهي، ڪورٽ ۾ سندس وڪيل پاڻ اها ڳالهه تسليم ڪري ڇڪو آهي ته مريم نواز شريف وزيراعظم جي بينفشري نه آهي. هن چيو ته اسان جي وڪيل عدالت ۾ جيڪي دليل ڏنا آهن انهن موجب وزيراعظم، ڀلي اهو پارليامينٽ ۾ خطاب هجي يا عوام کي خطاب، ان ۾ ڪڏهن ڪوڙ ناهي ڳالهايو ۽ غلط بياني نه ئي ڇو ته هو ڪوڙ ڳالهائڻ جو عادي نه آهي، اها ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت ڪنهن ٻئي جي آهي ۽ بار بار اهو سچ سامهون اچي وڃي ٿو ته اها قابليت ڪنهن ۾ آهي. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان چاهي ٿو ته هو بنا ڪنهن ثبوت جي وزيراعظم نواز شريف کي سندس عهدي تان برطرف ڪرائي ته ائين نه ٿو ٿي سگهي، خواهشن جي بنياد تي عدالت ۾ ڪيس نه ٿا وڙهيا وڃن، عدالت ۾ اها ڳالهه به ٿي آهي ته اخباري سرخين کي ڪڏهن به ثبوت ناهي مڃيو ويو ۽ نه ئي مڃيو ويندو. مملڪتي وزير چيو ته عدالت ۾ اڄ واقعي انهن جا ماڻهو سمهي رهيا هئا ڇو ته انهن کي قانوني طريقي سان ڪيس وڙهڻ جي عادت نه آهي. بعد ۾ هڪ بيان ۾ مملڪتي وزير چيو ته عمران خان ادارن جي عزت ۽ احترام جو خيال رکي، اڄ سندس بيان ته ”اڌ سپريم ڪورٽ سمهي رهي هئي“ توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو، حقيقت اها آهي ته عمران خان پاڻ غفلت جي ننڊ سمهي رهيو آهي ۽ قوم کي گمراهه ڪري رهيو آهي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:17