چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس

چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔26 جولائی۔2016) ) چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي هڪ جهڙي چونڊ قانون جو جائزو وٺندي ان جي ٻي ريڊنگ مڪمل ڪري ورتي آهي جڏهن ته ڪميشن جي اڳوڻن ميمبرن پاران ڏنل هڪ جهڙي قانون ۾ ڪجهه تجويزن جو پڻ جائزو ورتو پيو وڃي، اليڪشن ڪميشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ بايوميٽرڪ مشينن جي خريداري تي اڳڀرائي ڪئي آهي، اميد آهي ته آئنده ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ اهي مشينون استعمال ڪيون وينديون. چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جي چيئرمين زاهد حامد اجلاس کانپوءِ صحافين کي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن بايوميٽرڪ مشين جو فني جائزو مڪمل ڪري ورتو آهي، اميد آهي ته بايوميٽرڪ مشينون ضمني چونڊن ۾ تجرباتي بنيادن تي استعمال ڪيون وينديون. ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ڪنوينر زاهد حامد جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس دوران ذيلي ڪميٽي جي ميمبر عارف علوي سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. زاهد حامد ٻڌايو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ بايوميٽرڪ مشينن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن جي عملدارن ڪميٽي کي بريفنگ ڏني جڏهن ته اجلاس دوران هڪ جهڙن چونڊ قانونن جو پڻ جائزو ورتو ويو ۽ ان جي مسودي جي ٻي ريڊنگ کي مڪمل ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻن ميمبرن هڪ جهڙي چونڊ قانون تي ڪجهه تجويزون ڏنيون هيون انهن جو جائزو ورتو پيو وڃي. ڊاڪٽر عارف علوي اجلاس کي ٻڌايو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي رجسٽريشن جي لاءِ نادرا جي تعاون جي سخت ضرورت آهي، ان حوالي سان نادرا چيئرمين کي ايندڙ اجلاس ۾ گهرايو ويو آهي. ان کان سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ لاءِ سافٽ ويئر جي تياري بابت راءِ ورتي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ زاهد حامد ٻڌايو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي لاءِ 6 ۽ بايوميٽرڪ مشينن جي لاءِ 5 ڪمپنين واڪ ۾ شرڪت ڪئي. اميد آهي ته ان جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ آئنده ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ بايوميٽرڪ مشينون استعمال ڪيون وينديون. اي پي پي/ع – ک/ش – چ