وزيراعظم کي صحت واري وزارت طرفان دوائن جي قيمتن ۾ اضافي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي: رحمان ملڪ

وزيراعظم کي صحت واري وزارت طرفان دوائن جي قيمتن ۾ اضافي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي: رحمان ملڪ

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔26 جولائی۔2016) اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته وزيراعظم کي صحت واري وزارت طرفان دوائن جي قيمتن ۾ اضافي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، افغانستان جي صدر اشرف غني جا پاڪستان جي خلاف بيان درست نه آهن. ڪالهه اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته قائدايوان ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي وچ ۾ مشاورت جي نتيجي ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن تي اتفاق ڪيو ويو، عمران خان جو گلا ٻڌڻ گهرجي، ان ۾ ڪو به حرج نه آهي، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کي سمورين سياسي پارٽين جي مشاورت کانپوءِ چونڊيو ويو جيڪو درست آهي، هن چيو ته وزيراعظم کي صحت واري وزارت طرفان دوائن جي قيمتن ۾ اضافي تي نوٽيس وٺڻ گهرجي، عوام پهرين ئي مهانگائي جي بار ۾ دٻيل آهي، دوائن جي قيمتن ۾ اضافي سان گهٽ آمدني وارا ماڻهو متاثر ٿيندا، تنهن ڪري دوائن جي قيمتن ۾ اضافو واپس ورتو وڃي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:06