صدر پاران بلوچستان ۾ ترقياتي ڪمن تي اطمينان جو اظهار

صدر پاران بلوچستان ۾ ترقياتي ڪمن تي اطمينان جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔26 جولائی۔2016) صدر ممنون حسين بلوچستان ۾ ترقياتي ڪمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبو ۽ گوادر پورٽ جي تعمير سان بلوچستان ۾ خوشحالي ايندي، اها ڳالهه هن بلوچستان جي گورنر محمد خان اچڪزئي سان ڪالهه اڱاري ڏينهن ايوان صدر ۾ ملاقات دوران چئي. بلوچستان جي گورنر صدر کي بلوچستان جي مجموعي صورتحال جي باري ۾ بريفنگ ڏيندي چيو ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، صدر بلوچستان جي سيڪيورٽي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت خطي ۾ امن لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. صدر چيو ته حڪومت بلوچستان کي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. صدر چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي سان بلوچستان ۾ ترقي جون راهون هموار ٿينديون ۽ اتي جي نوجوانن کي روزگار جا نوان موقعا ملندا جنهن سان انهن جي زندگين ۾ نمايان تبديلي ايندي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 16:58