اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔26 جولائی۔2016) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي ڊپلوميٽڪ ايريا ۾ بس سروس فراهم ڪرڻ واري ڪمپني جي رجسٽريشن نه هئڻ جو نوٽيس ڏيندي ان جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته گرين بيلٽس ۾ تعميرات ڪندڙ آفيسرن جي خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي، ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ڪنوينر شاهده اختر علي جي صدارت ۾ اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن کانسواءِ سي ڊي اي جي چيئرمين، نيب ۽ آڊٽ عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وفاقي ترقياتي اداري سي ڊي اي جي 2002ع کان 2003ع جي آڊٽ رپورٽ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران وفاقي ترقياتي اداري ۾ مشرف دور ۾ ٿيل بي قاعدگين جي جاچ پڙتال ڪئي وئي، سي ڊي اي جي چيئرمين اي معروف افضل ڪميٽي کي ٻڌايو ته سي ڊي اي ۾ ڪرپشن جا ڪيترائي ڪيسز نيب ۾ جاچ هيٺ آهن، نيب ۽ ايف آءِ اي کي گهپلن سان لاڳاپيل رڪارڊ به ڏئي رهيا آهيون. نيب عملدارن ان موقعي تي موقف اختيار ڪيو ته سي ڊي اي پاران ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن بابت صرف هڪ پيرا موڪلڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، سي ڊي اي گهپلن بابت سڀئي رڪارڊ ڏئي، ان موقعي تي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي پلاٽن جي الاٽمينٽ ۾ بي قاعدگين ۾ ملوث ماڻهن خلاف 14 سالن کانپوءِ ڪارروائي نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ڪميٽي کي آڊٽ عملدارن پاران ٻڌايو ويو ته سي ڊي اي جي مختلف فارميشنز ساڍا 12 ڪروڙ جا غير قانوني خرچ ڪيا جنهن تي سي ڊي اي جي چيئرمين ٻڌايو ته ساڍن 10 ڪروڙن جي خرچن جو معاملو حل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 16 ملين جا خرچ قاعدي موجب هئا، آڊٽ عملدارن چيو ته سي ڊي اي جو مشينري پول جو ادارو ٻين ادارن کي پنهنجي مشينري ڏيندو رهيو پر انهن ادارن 17 ڪروڙ جون رهتون ادا نه ڪيون. سي ڊي اي جي چيئرمين ڪميٽي کي ٻڌايو ته 11 ڪروڙ جون بقايائون لاڳاپيل ادارن کان وصول ڪري ورتيون آهن، اجلاس دوران پي اي سي سي ڊي اي پاران کان پاڻهي واعدن جي خلاف گرين بيلٽ تي تعميرات ڪندڙ آفيسرن جي خلاف جاچ جي هدايت ڪئي. اجلاس دوران آڊٽ عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته ڊپلوميٽڪ ايريا ۾ بس سروس جو ٺيڪو جنهن ڪمپني کي ڏنو ويو اها رجسٽرڊ ئي نه آهي جنهن تي ڪميٽي ست سال بغير رجسٽريشن جي ڪمپني جي ڪم ڪرڻ جي جاچ جو حڪم ڏنو. جڏهن ته آڊٽ عملدارن اهو به ٻڌايو ته شٽل بس سروس جي ٺيڪي جو رڪارڊ ئي نه پيو ملي، جنهن تي پي اي سي جي ميمبرن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جنهن معاملي تي مٽي وجهڻي هجي ان جو رڪارڊ غائب ڪيو ويندو آهي، يا ان کي باهه لڳائي ويندي آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 16:21
پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس
9 سال پھريان