سينيٽ پاران قومي رستن ۽ موٽرويز جي لاءِ قومي حفاظتي منصوبي ۽ ٽرانسپورٽ پاليسي تيار ڪرڻ جي قرارداد اتفاق راءِ سان منظور

سينيٽ پاران قومي رستن ۽ موٽرويز جي لاءِ قومي حفاظتي منصوبي ۽ ٽرانسپورٽ پاليسي تيار ڪرڻ جي قرارداد اتفاق راءِ سان منظور

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) سينيٽ قومي رستن ۽ موٽرويز جي لاءِ قومي حفاظتي منصوبي ۽ ٽرانسپورٽ پاليسي تيار ڪرڻ جي قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي آهي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر اعظم خان سواتي قرارداد پيش ڪئي ته هي ايوان سفارش ڪري ٿو ته حڪومت مسافرن جي حفاظت ۽ سهولت، ٽريفڪ نظم ۽ ضبط ۾ بهتري ۽ موٽر هلائيندڙن جي لاءِ لازمي شارٽ ڪورسز شروع ڪرڻ ۽ رستن تي حادثن ۽ موت ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ ملڪي قومي رستن ۽ موٽرويز جي لاءِ قومي حفاظتي منصوبو ۽ ٽرانسپورٽ پاليسي تيار ڪري، حڪومت قرارداد جي مخالفت نه ڪئي، سينيٽر اعظم سواتي چيو ته هو ان حوالي سان بل آڻيندو، حڪومت سندس مدد ڪري، پارلياماني معاملن جي مملڪتي وير شيخ آفتاب احمد چيو ته موٽروي پوليس سميت مختلف ادارا ان حوالي سان قدم کڻي رهيا آهن، چيئرمين قرارداد تي ايوان کان راءِ ورتي، ايوان اتفاق راءِ سان قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 20:31