سينيٽ پاران اسلام آباد ۾ پينو ٻارن جي وڌندڙ انگ تي ضابطو آڻڻ ۽ انهن جي مناسب تعليم جي لاءِ موثر قدم کڻڻ واري قرارداد منظور

سينيٽ پاران اسلام آباد ۾ پينو ٻارن جي وڌندڙ انگ تي ضابطو آڻڻ ۽ انهن جي مناسب تعليم جي لاءِ موثر قدم کڻڻ واري قرارداد منظور

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) سينيٽ هڪ قرارداد جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ حڪومت کي سفارش ڪئي وئي آهي ته اسلام آباد ۾ پينو ٻارن جي وڌندڙ انگ تي ضابطو آڻڻ ۽ انهن جي مناسب تعليم جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن جڏهن ته گهرو معاملن جي مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان چيو ته وفاقي گادي واري شهر ۾ پينو فقيرن جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ ٻه اسڪواڊ ڪم ڪري رهيا آهن، پينو فقيرن جي خلاف 58 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، 208 ٻارڙيون ايڌي هوم موڪليون ويون آهن. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر چوڌري تنوير خان قرارداد پيش ڪئي ته هي ايوان سفارش ڪري ٿو ته حڪومت اسلام آباد ۾ پينو ٻارن جي وڌندڙ انگ تي ضابطو آڻڻ ۽ انهن جي مناسب تعليم جي لاءِ موثر قدم کڻي. هن چيو ته جي نائين ۾ هڪ عمارت ۾ رڳو 10، 12 پينو فقير ٻار رکيا ويا آهن، اهي قدم ناڪفي آهن، عمارت به مناسب نه آهي، ٻارن کان پنرائڻ جي پٺيان هڪ مافيا ڪم ڪري رهي آهي، ان جي خلاف ٺوس ڪارروائي جي ضرورت آهي، حڪومت کي ان حوالي سان مناسب قدم کڻڻ گهرجن، اهو معاملو ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي. سينيٽر اعظم سواتي چيو ته هي تمام اهم معاملو آهي ان کي ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي، هي انساني مسئلو آهي، هن آڇ ڪئي ته هو اسلام آباد ۾ ان مقصد جي لاءِ ادارو ٺاهڻ ۾ حڪومت جي مدد ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي جتي پينو فقير ٻارن کي رکي سگهجي. سينيٽر ستاره اياز چيو ته ٻارن کي نشي واريون دوائون ڏئي سمهاريو وڃي ٿو ان جي پٺيان مافيا آهي، هر چوڪ پينو فقيرن جي لاءِ وڪرو ٿئي ٿو. سينيٽر جهانزيب جمالديني چيو ته پينو ٻارن جي لاءِ ڪم ٿيڻ گهرجي. سينيٽر سراج الحق چيو ته پنندڙ ٻار اسان جي لاءِ شرم جو سبب آهي، ان معاملي کي تفصيلي غور فڪر جي لاءِ ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي. سينيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو ته جڏهن گهر ۾ فاقا هجن ته ماڻهو پنڻ شروع ڪندا. سينيٽر رحمان ملڪ چيو ته ماڻهو غريب جي مدد ڪرڻ چاهين ٿا، خيرات ڏين ٿا، ڪيترن ئي ماڻهن پنڻ کي پيشو بڻائي ورتو آهي. سينيٽر ڪينٿ وليم چيو ته ان مسئلي تي ڌيان ڏنو وڃي. سينيٽر ڪلثوم پروين چيو ته پينو فقيرن جي پٺيان مافيا ڪم ڪري رهي آهي، ان مافيا جو خاتمو ڪرڻو پوندو. سينيٽر نهال هاشمي چيو ته پينو فقير ٻار رڳو سرڪار جو نه پوري سماج جو مسئلو آهن، استنبول جي رستن تي هڪ ٻار ليمون پاڻي وڪڻندو هو اڄ ان کي دنيا رجب طيب اردوان جي نالي سان سڃاڻي ٿي، پاڪستان ۾ به ڪيترائي اهڙا ٻار رستن تي ڪ مڪن ٿا، حضرت عمر فاروق رضه جو بطور حڪمران ڪردار ادان جي لاءِ مثال آهي. سينيٽر مشاهد حسين سيد ايوان ۾ شعر پڙهي ٻڌايو. سينيٽر تنويرالحق ٿانوي پڻ ان معاملي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. گهرو معاملن جي مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان چيو ته 2013ع کانپوءِ گهرو وزارت هڪ اسپيشل اسڪواڊ ٺاهيو جنهن کي ذميواري ڏني وئي ته ماڻهن کان پنرائڻ جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، هن وقت ٻه اسڪواڊ ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي مختلف چوڪن تي وڃي ڪارروائي ڪن ٿا، وڏي عمر جي پينو فقيرن کي جيلن ۾ وڌو ويو آهي، هيستائين پوڻا ٻه هزار پينو فقير پڪڙيا ويا آهن، پنڻ جي حوالي سان 58 ڪيس قائم ڪيا ويا آهن، 208 ٻارڙيون ايڌي هوم موڪليون ويون آهن، چيئرمين چيو ته في الحال اهو آئون ڪميٽي ڏانهن نه پيو موڪليان، 26 جولاءِ 2016ع تي سينيٽ جي پوري ايوان تي ٻڌل ڪميٽي معاشري جي محروم طبقن جي حوالي سان بحث ڪندي ان کانپوءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 20:27