سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽ 2012ع جي قاعدي 203 ۾ تجويز ڪيل ترميمن جي منظوري

سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽ 2012ع جي قاعدي 203 ۾ تجويز ڪيل ترميمن جي منظوري

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23دسمبر2016ء) سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽ 2012ع جي قاعدي 203 ۾ تجويز ڪيل ترميمن جي منظوري ڏني وئي آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا ظفرالحق، سينيٽر تاج حيدر، مشاهد الله خان ۽ ڊاڪٽر جهانزيب جمالديني رٿ پيش ڪئي ته قاعدن، ضابطن، ڪارروائي سينيٽ 2012ع جي قاعدي 278 جي ذيلي قاعدي 4 تحت قاعدي 203 ترميمون پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. ايوان رٿ جي مظوري ڏئي ڇڏي جنهن کانپوءِ تجويز ڪيل ترميمون پيش ڪيون ويون جن کي منظور ڪيو ويو. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 17:10