سينيٽ چيئرمين پاران هوابازي ڊويزن واري سيڪريٽري ۽ پي آءِ اي جي لاڳاپيل ڊائريڪٽر کي توهين پارليامينٽ جو نوٽيس موڪلڻ جي هدايت

سينيٽ چيئرمين پاران هوابازي ڊويزن واري سيڪريٽري ۽ پي آءِ اي جي لاڳاپيل ڊائريڪٽر کي توهين پارليامينٽ جو نوٽيس موڪلڻ جي هدايت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23دسمبر2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني اسلام آباد کان چيترال ايندڙ اڏام جي حادثي بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب نه موڪلڻ تي هوابازي ڊويزن واري سيڪريٽري ۽ پي آءِ اي جي لاڳاپيل ڊائريڪٽر کي توهين پارليامينٽ جو نوٽيس موڪلڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران هن چيو ته ان حادثي جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيڻ جي لاءِ ڪو وزير به موجود نه آهي ۽ هوابازي ڊويزن پاران به ان معاملي جو جواب ناهي موڪليو ويو، ان تي هوابازي ڊويزن جي سيڪريٽري ۽ پي آءِ اي جي لاڳاپيل ڊائريڪٽر کي توهين پارليامينٽ جو نوٽيس جاري ڪيو ويندو. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 17:06