سينيٽ جي چيئرمين پاران اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين ۾ ترميمي (آرٽيڪل 28 جي تبديلي) جي لاءِ آئيني (ترميمي) بل 2016ع لاڳاپيل ڪميٽي حوالي

سينيٽ جي چيئرمين پاران اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين ۾ ترميمي (آرٽيڪل 28 جي تبديلي) جي لاءِ آئيني (ترميمي) بل 2016ع لاڳاپيل ڪميٽي حوالي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) سينيٽ جي چيئرمين سينيٽر ميان رضا رباني اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين ۾ ترميمي (آرٽيڪل 28 جي تبديلي) جي لاءِ آئيني (ترميمي) بل 2016ع لاڳاپيل ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيو آهي، سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر ڪريم احمد خواجه رٿ پيش ڪئي ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين ۾ وڌيڪ ترميم جو بل آئين (ترميمي بل) 2016ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن تحت آرٽيڪل (28) جي تبديلي مقصود آهي، حڪومت رٿ جي مخالفت ڪئي جنهن تي هن رٿ جي حق ۾ دليل ڏنا، هن چيو ته مقامي ۽ علائقائي زبانن جو تحفظ به ضروري آهي، قانون واري وزير زاهد حامد چيو ته رٿ پيش ڪندڙ سينيٽر ان رٿ تي نظرثاني ڪري وٺي، چيئرمين جي زور تي هن چيو ته هو چاهين ٿا ته اهو معاملو ڪميٽي ۾ غور هيٺ آندو وڃي، چيئرمين ايوان جي راءِ حاصل ڪئي ۽ ايوان جي منظوري سان ان اهو بل لاڳاپيل ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:37