اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) سينيٽ جي دفاع بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين مشاهد حسين سيد دفاع واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته اي پي ايس پشاور حملي ۾ زخمي ٿيندڙ شاگرد جي ٻاهرين ملڪ علاج جي لاءِ سڀئي انتظام يقيني بڻائين، سومر ڏينهن سينيٽ جي دفاع بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبر برگيڊيئر (ر) جونز ڪينٿ وليم ڪميٽي جو ڌيان ان طرف ڏياريو ته 16 ڊسمبر 2016ع تي اي پي ايس پشاور ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ مبشر صبحان جيڪو رٽائرڊ صوبيدار ميجر جو پٽ هو شديد زخمي ٿيو، پشاور ۾ ضروري علاج کانپوءِ ميڊيڪل بورڊ آغا خان اسپتال ڪراچي موڪليو هو پر ان معذرت ڪري ورتي ۽ ٻار کي علاج جي لاءِ ملڪ کان ٻاهر موڪلڻ جو چيو، جنهن کانپوءِ ٻار کي علاج جي غرض سان دبئي موڪليو ويو، پر انهن به انڪار ڪري ڇڏيو، هاڻي جرمني جي اسپتال ٻار جي علاج جي لاءِ راضپي جو اظهار ڪيو ان لاءِ وڏي رقم گهربل آهي، جنهن تي مشاهد حسين سيد دفاعي وزارت کي هدايت ڪئي ته زخمي ٻار جي علاج لاءِ سڀئي انتظامن کي يقيني بنائي، ڪميٽي جي چيئرمين مشاهد حسين سيد اڄ اڱاري ڏينهن زخمي ٿيندڙ ٻار ۽ والدين سان پارليامنيٽ هائوس ۾ ملاقات ڪندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:28
سينيٽ جي دفاع بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس
9 سال پھريان