اي پي پي ۽ چائنا ريڊيو جي وچ ۾ اقتصادي لنگهه جي گڏيل ڪوريج تي اتفاق

اي پي پي ۽ چائنا ريڊيو جي وچ ۾ اقتصادي لنگهه جي گڏيل ڪوريج تي اتفاق

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 21دسمبر2016ء) قومي خابرو ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۽ چيني ريڊيو چائنا ريڊيو انٽرنيشنل (سي آر آءِ) پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت جاري منصوبن جي گڏيل ڪوريج تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ ڪالهه اربع ڏينهن هتي سي آر آءِ جي ڊائريڪٽر جنرل هو بانگ شينگ جي سربراهي ۾ سي آر آءِ جي 7 رڪني وفد جي اي پي پي هيڊڪوارٽرز جي دوري جي دوران طئي ٿيو. ان موقعي تي ڌرين خبرن جي مٽاسٽا جو پڻ فيصلو ڪيو. ان کان اڳ اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ وفد کي سرڪاري خابرو اداري جي ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ ايڊيٽوريل سيٽ اپ ۽ پيشيواراڻي سرگرمين بابت آگاهه ڪيو. چيني وفد ۾ سي آر آءِ جو ڊائريڪٽر چن شيانگ (شاهين) بيورو چيف سي آر آءِ وانگ چي، سي آر آءِ جي ڏکڻ اوڀر ايشيا ڊويزن جو سربراهه آن شيائو يو، سي آر آءِ جي ڏکڻ اوڀر ايشيا ڊويزن جو ڊپٽي هيڊ زائو چيائو، نيوز سينٽر سي آر آءِ جو ڊپٽي هيڊ گوان زوآن ۽ انٽرنيشنل ڪوآپريشن اينڊ ايڪسچينج سينٽر سي آر آءِ جو لوئي هوان شانگ شامل هئا. مئيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ جي قيادت ۾ اي پي پي جي وفد ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سهيل علي خان، ڊائريڪٽر نيوز محمد نعيم چوڌري ۽ ڊائريڪٽر آءِ ٽي محمد غواث خان شامل هئا. ٻنهي ادارن جي عملدارن هڪ ٻئي جي صحافتي تجربن مان فائدو کڻڻ کانسواءِ ٻنهي ادارن جي ادارتي عملي جي سگهه ۾ اضافي ۽ تربيت جي مختلف طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سي آر آءِ ۽ اي پي پي مختلف پيشيواراڻن معاملن ۾ عملي ۽ بامقصد تعاون جي فروغ لاءِ مختلف قدمن ۽ طريقن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سي آر آءِ اسلام آباد جي ڊائريڪٽر چين شيانگ (شاهين) ڊائريڪٽر نيوز اي پي پي محمد نعيم چوڌري کي ٻنهي ادارن جي وچ ۾ پيشيواراڻي تعاون جي نگراني جي لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي. چيني وفد جي سربراهه هوبانگ شينگ چيو ته سي آر آءِ هڪ قومي نشرياتي ادارو ۽ اي پي پي هڪ قومي خابرو ايجنسي جي حيثيت سان مقامي ۽ عالمي سطح تي مستند ۽ اعتماد جوڳي ڪوريج کي يقيني بڻائي سگهن ٿا. هن چيو ته سندس دوري جو مقصد مختلف ميڊيا آرگنائيزيشنز جو دورو ڪرڻ ۽ اي پي پي سان بامقصد تعاون جا وڌيڪ موقعا ڳولڻ آهي جن کي مستقبل ۾ وڌيڪ ٺوس بڻايو ويندو. هوبانگ شينگ چيو ته ٻنهي ادارن وٽ اهم ايونٽس ۽ عالمي سطح تي پيدا ٿيندڙ تبديلين جي ڪوريج جي حوالي سان نمايان موقعا ميسر آهن. هن چيو ته چائنا ريڊيو انٽرنيشنل جو ڌيان ان تي آهي ته معلومات ٻڌندڙن تائين پهچي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپا اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ مضبوط تعاون تي ٻڌل آهن جن کي ميڊيا جي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ سان وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي ٿو. بعد ۾ وفد اي پي پي جي مختلف ادارتي شعبن جو دورو ڪيو ۽ انهن جي پيشيواراڻي ڪم ۾ گهري دلچسپي ورتي. سي آر آءِ جي وفد جي سربراهه وڊيو نيوز سروس جي اسٽوڊيو ۾ سي پيڪ منصوبي جي ڪوريج جي لاءِ ٻنهي ادارن جي وچ ۾ تعاون بابت پنهنجي خيالن جو اظهار پڻ ڪيو. هوبانگ شينگ مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ کي ايشيا ميڊيا ليڊرشپ فورم ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جيڪا بهار 2017ع ۾ بيجنگ ۾ ٿيندي. اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ مهمانن کي سوونيئر پڻ پيش ڪيو. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 17:05