گذريل ٽن سالن دوران 3438 ماڻهن کي اوورسيز ايمپلائمينٽ ڪارپوريشن ذريعي ٻاهرئين ملڪ موڪليو ويو آهي: سينيٽ کي آگاهي

گذريل ٽن سالن دوران 3438 ماڻهن کي اوورسيز ايمپلائمينٽ ڪارپوريشن ذريعي ٻاهرئين ملڪ موڪليو ويو آهي: سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 21دسمبر2016ء) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته گذريل ٽن سالن دوران 3438 ماڻهن کي اوورسيز ايمپلائمينٽ ڪارپوريشن ذريعي ٻاهرئين ملڪ موڪليو ويو آهي. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر سراج الحق، سينيٽر ڪامل علي آغا ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ سمنڊ پار پاڪستانين واري وفاقي وزير پير صدرالدين شاهه راشدي ٻڌايو ته افرادي قوت جي چونڊ رڳو پرڏيهه ۾ اجرت ڏيندڙ جي صوابديد تي هوندو آهي تنهن هوندي به او اي سي پاران خاص طريقيڪار اختيار ڪيو ويو آهي. گذريل ٽن سالن ۾ پنجاب مان 2294، سنڌ مان 529، خيبرپختونخواهه مان 438، بلوچستان مان 41، آزاد ڪشمير مان 37، گلگت بلتستان مان 7، قبائلي علائقن مان 22 ۽ وفاقي گادي واري شهر مان 70 ماڻهن کي ٻاهرئين ملڪ موڪليو ويو. هن چيو ته پرڏيهه ۾ اجرت ڏيندڙ پنهنجي ترجيحن موجب افرادي قوت جي چونڊ ڪن ٿا. او اي سي جو ڪردار رڳو سهولت ڏيندڙ جو آهي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ مختلف ڏوهن ۾ قيد پاڪستانين کي قانوني مدد جي فراهمي جي لاءِ لاڳاپيل ملڪن ۾ پاڪستان جا سفارتخانا قدم کڻندا آهن جڏهن ته قانوني مدد جي لاءِ مستقل قانوني ٽيم ٺاهڻ جي تجويز تي پڻ ڪم ٿي رهيو آهي. سينيٽر ميان عتيق شيخ، اعظم سواتي جي سوالن جي جواب ۾ وفاقي وزير پير صدرالدين شاهه راشدي ٻڌايو ته اي او بي آءِ بئنڪ الفلاح سان اي او بي آءِ پينشنرز کي ڪنهن به بئنڪ ذريعي اي ٽي ايم مشين مان پينشن ڪڍڻ جي سهولت فراهم ڪرڻ جو معاهدو ڪيو آهي. باقاعده واڪ کانپوءِ بئنڪ الفلاح سان معاهدو ڪيو ويو. هن چيو ته پيپرز رولز تحت سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ بئنڪ الفلاح سان معاهدو ٿيو.