اليڪشن ڪميشن جي جوڙجڪ لاءِ خصوصي ڪميٽي جو اجلاس سومر تي ٿيندو

اليڪشن ڪميشن جي جوڙجڪ لاءِ خصوصي ڪميٽي جو اجلاس سومر تي ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔22 جولائی۔2016) اليڪشن ڪميشن جي جوڙجڪ جي لاءِ خصوصي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس سومر 25 جولاءِ جي صبح ساڍي 10 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ گهرايو ويو آهي، اجلاس جي صدارت اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي وارو وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد ڪندو، اجلاس ۾ چئني صوبائي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي حوالي سان وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ پاران موڪليل نالن تي غور ڪيو ويندو، ڪميٽي جي ميمبرن ۾ سينيٽر مير ڪبير، سينيٽر اسلام الدين شيخ، سينيٽر دائود خان اچڪزئي، قومي اسيمبلي جا ميمبر زاهد حامد، جنيد انوار چوڌري، ڊاڪٽر درشن، شازيه عطا مري، مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ ڊاڪٽر محمد فاروق ستار جا نالا شامل آهن. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:04