سينيٽ چيئرمين پاران مذمتي قرارداد پرڏيهي آفيس ذريعي گڏيل قومن ۽ سڀني عالمي فورمن تي موڪلڻ جي هدايت

سينيٽ چيئرمين پاران مذمتي قرارداد پرڏيهي آفيس ذريعي گڏيل قومن ۽ سڀني عالمي فورمن تي موڪلڻ جي هدايت

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔22 جولائی۔2016) سينيٽ چيئرمين والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي بربريت ۽ بي گناهه ڪشميرين جي خلاف ظالماڻي ڪاررواين بابت مذمتي قرارداد پرڏيهي آفيس جي ذريعي گڏيل قومن ۽ سڀني عالمي فورمن تي موڪلڻ جي هدايت ڪئي آهي، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ قرارداد جي منظوري کانپوءِ چيئرمين سينيٽ سيڪريٽريٽ جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته قرارداد جو مسودو پرڏيهي آفيس کي موڪليو وڃي ته جيئن هو ان کي گڏيل قومن، اسلامي ڪانفرنس جي تنظيم ۽ سڀني حڪومتن جي گادي وارن هنڌن ڏانهن موڪلي، ان سان دنيا کي ڀارت جي ظالماڻي ڪاررواين بابت آگاهي حاصل ٿيندي ۽ سينيٽ ۽ پاڪستان جي عوام جي جذبن جي ڄاڻ ٿيندي، هن قرارداد جي مسودي جي تياري ۾ سينيٽر شيري رحمان ۽ سينيٽر مشاهد حسين سيد جي ڪردار کي ساراهيو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 16:14