چين پاڪستان اقتصادي لنگهه تحت چين چار کان پنج صنعتي زونز جي لاءِهرين مرحلي ۾ مدد ڪندو: احسن اقبال

چين پاڪستان اقتصادي لنگهه تحت چين چار کان پنج صنعتي زونز جي لاءِهرين مرحلي ۾ مدد ڪندو: احسن اقبال

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔22 جولائی۔2016) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال ايوان کي ٻڌايو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه تحت چين چار کان پنج صنعتي زونز جي لاءِ پهرين مرحلي ۾ مدد ڪندو، هر صوبي ۾ هڪ صنعتي زون ٺهندو، اقتصادي لنگهه تي سياسي پارٽين ۽ وفاقي ڌرين ۾ اتفاق راءِ آهي، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر ڪلثوم پروين، نعمان وزير، اعظم سواتي جي سوالن جي جواب ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال ايوان کي ٻڌايو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه تحت چين 4 کان پنج صنعتي زونز جي لاءِ پهرين مرحلي ۾ مدد ڪندو، اهڙي طرح هي صوبي ۾ هڪ صنعتي زون ٺهندو، هن چيو ته ضلعي زونز جي لاءِ صوبن کان جڳهه جي نشاندهي جي لاءِ چيو ويو آهي، پر هينئر تائين ڪنهن صوبي انهن زونز جي لاءِ نشاندهي ناهي ڪئي، هن چيو ته اقتصادي زونز جي لاءِ سيڙپڪاري بورڊ پيڪيج ڏنو ويو آهي، جنهن تحت ان ۾ رعايت ملندي، هن چيو ته اقتصادي لنگهه تي سياسي پارٽين ۽ وفاقي ڌرين ۾ اتفاق راءِ آهي، خيبرپختونخوا جا خدشا ختم ڪيا ويا آهن، تنهن هوندي به مثالي، علائقائي ۽ عالمي لابين جي پروپيگنڊا کي ناڪام بڻايو ويندو.اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م15:47 خبر نمبر -- -- - 08