دين ۾ ڏاڍ نه آهي: سراج الحق

دين ۾ ڏاڍ نه آهي: سراج الحق

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29نومبر2016ء) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته دين ۾ ڏاڍ نه آهي، معاشري ۾ هر انسان کي پنهنجي مرضي مطابق زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي، آئين تحت غير مسلمانن کي انهن جا حق ڏنا وڃن. ڪالهه اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسلام برابري جو درس ڏئي ٿو، دين ۾ ڏاڍ نه آهي، معاشري جو هر انسان اقليتي برادري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، آئين ۾ غير مسلمانن کي سمورا حق برابري جي بنياد تي حاصل آهن جڏهن ته حڪومت آئين مطابق غير مسلمانن کي حق ڏي. هن چيو ته غير مسلمانن کي تعليم، صحت، سيڪيورٽي سميت سمورين سهولتن کي برابر جي بنياد تي فراهم ڪيون وڃن، هن چيو ته مون ٿر جو دورو ڪيو جڏهن ٿر جون حالتون خراب هيون، اتي سنڌ حڪومت عوام جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ هڪ روپيو به خرچ نه ڪيو، هڪ کوهه نه کوٽايو جنهن مان ٿر جي عوام پاڻي استعمال ڪري سگهي.