سينيٽ پاران چار بل اتفاق راءِ سان منظور

سينيٽ پاران چار بل اتفاق راءِ سان منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22نومبر2016ء) سينيٽ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل (ترميمي) بل 2016ع ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ (ترميمي) بل 2016ع سميت چئن بلن جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين رٿ پيش ڪئي ته پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل ايڪٽ 1976ع ۾ وڌيڪ ترميم جو بل پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل (ترميمي) بل 2016ع اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ غور هيٺ آندو وڃي. قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته ان بل تحت معمولي ترميم ڪئي وئي آهي ۽ آرمي جي انجنيئر کي پڻ ميمبر بڻائڻ جي لاءِ اها ترميم آندي پئي وڃي، سينيٽ اتفاق راءِ سان ان بل جي منظوري ڏئي ڇڏي. قانون واري وفاقي وزير مجموعه ضابطه ديواني (ترميمي) بل 2016ع دي سينٽرل لا آفيسرز ترميمي بل 2016ع ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ (ترميمي) بل 2016ع پڻ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ غور هيٺ آڻڻ جي لاءِ جدا جدا رٿون پيش ڪيون. سينيٽ انهن رٿن جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن کانپوءِ هن اهي بل ايوان ۾ پيش ڪيا. چيئرمين بلن جي شقوار منظوري ورتي، سينيٽ اتفاق راءِ سان انهن بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي.