لاڙڪاڻي جي ڪيڊٽ ڪاليج ۾ تشدد سبب متاثر ٿيندڙ ٻار جي علاج جي حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهائيندس: سينيٽ چيئرمين

لاڙڪاڻي جي ڪيڊٽ ڪاليج ۾ تشدد سبب متاثر ٿيندڙ ٻار جي علاج جي حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهائيندس: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22نومبر2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته هو لاڙڪاڻي جي ڪيڊٽ ڪاليج ۾ تشدد سبب متاثر ٿيندڙ ٻار جي علاج جي حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهائيندو. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ ۾ سينيٽر خوشبخت شجاعت عوامي اهميت جي معاملي جي طور تي اهو معاملو اٿاريو. سينيٽ چيئرمين سينيٽر تاج حيدر کي هدايت ڪئي ته هو ان معاملي تي سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهائيندو. هن چيو ته آئون پاڻ به ان حوالي سان وڏي وزير سان ڳالهائڻ کانپوءِ ايوان کي آگاهه ڪندس. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:13