دنيا جي اقتصادي بحران جو اثر پاڪستان تي به پيو آهي: وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير

دنيا جي اقتصادي بحران جو اثر پاڪستان تي به پيو آهي: وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22نومبر2016ء) واپار واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان چيو آهي ته دنيا جي اقتصادي بحران جو اثر پاڪستان تي به پيو آهي، پاڪستان مان سوٽي ڪپڙي جي برآمد ۾ اضافي جي باوجود گذريل سال جي ڀيٽ ۾ آمدني گهٽ ٿي آهي، حڪومت صنعت سميت 5 سيڪٽرن تي خاص ڌيان ڏنو آهي، باسمتي چانورن جي ايڪسپورٽ جي انگ ۾ 3.4 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي جڏهن ته قيمت جي لحاظ کان گهٽتائي 24 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، وزيراعظم پاڻ ان صورتحال کي مانيٽر ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته اسان پنهنجي شين کي ڪهڙي طرح ويليو ايڊيشن ذريعي وڌيڪ بهتر بڻائي ايڪسپورٽ ڪري سگهون ٿا. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مزمل قريشي قاعدي 87 تحت ملڪ جي روانگي واپار ۾ گهٽتائي جي حوالي سان عوامي اهميت جي معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جي روانگي واپار ۾ گهٽتائي سبب معيشت دٻاءُ جو شڪار آهي جنهن سبب اسان قرض وٺي رهيا آهيون، روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ قدم کنيا وڃن. واپار واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير بحث سهيڙيندي چيو ته عالمي سطح تي واپار جو ڪاٿو 14 سيڪڙو تائين گهٽ ٿيو آهي، چين، ترڪيءَ، يورپي يونين جي واپار ۾ گهٽتائي آئي آهي، پاڙيسري ملڪ ڀارت جي واپار ۾ 17 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، دنيا جي معاشي بحران جا اثر پاڪستان تي به پيا آهن، پاڪستان ۾ ڪپهه، چمڙي ۽ ٻيا ائٽم متاثر ٿيا آهن، 16 – 2015ع جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال دوران 1.5 سيڪرو اضافو ٿيو آهي، تنهن هوندي به ڊالر جي حساب سان ايڪسپورٽ ۾ گهٽتائي آئي آهي، تعداد جي حساب سان اسان جي جنسن جي ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿيو آهي پر عالمي سطح تي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب مالي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي.