صدر پاران پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس خميس تي طلب

صدر پاران پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس خميس تي طلب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 15نومبر2016ء) صدر ممنون حسين پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جو گڏيل اجلاس خميس ڏينهن ٻنپهرن جو ڏيڍ وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ طلب ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري نوٽيفڪيشن موجب صدر پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جو گڏيل اجلاس آئين جي آرٽيڪل 54(1) تحت حاصل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي طلب ڪيو آهي.