پاڪستان ڪنٽرول لائين جي لاڳيتو خلاف ورزين ۽ سرحد سان گڏ تارون لڳائڻ تي سخت احتجاج ڪيو آهي: وفاقي وزير زاهد حامد

پاڪستان ڪنٽرول لائين جي لاڳيتو خلاف ورزين ۽ سرحد سان گڏ تارون لڳائڻ تي سخت احتجاج ڪيو آهي: وفاقي وزير زاهد حامد

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔20 جولائی۔2016) قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو آهي ته پاڪستان ڪنٽرول لائين جي لاڳيتو خلاف ورزين ۽ سرحد سان گڏ تارون لڳائڻ تي سخت احتجاج ڪيو آهي، اهو معاملو سلامتي ڪائونسل ۾ به اٿاريو ويو آهي. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر اعظم سواتي ۽ ايم حمزه جي سوالن جي جواب ۾ قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد ايوان کي ٻڌايو ته ڪنٽرول لائين سان 460 ڪلوميٽر کاردار تارون هنيون آهن جيڪي ايل او سي کان 500 ميٽر جي مفاصلي تي آهن. هن چيو ته پاڪستان ڪنٽرول لائين جي خلاف ورزي ۽ تارون لڳائڻ تي سخت احتجاج ڪيو آهي ۽ اهو معاملو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پڻ اٿاريو ويو آهي. سلامتي ڪائونسل جي سمورن ميمبرن کي صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو آهي.