ايوان صدر ۾ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ويو

ايوان صدر ۾ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ويو

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔20 جولائی۔2016) پاڪستان جي حڪومت جي فيصلي تحت ايوان صدر ۾ والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف ڪالهه اربع تي ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. ان موقعي تي صدر ممنون حسين سميت ايوان صدر جي سمورن اهلڪارن پنهنجي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌيون. صدر ممنون حسين جي هدايت تي ايوان صدر ۾ ظهر نماز کانپوءِ ڪشمير جي آزادي جي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون.