وزيراعظم پاران سانگله هل انٽر چينج جو افتتاح

وزيراعظم پاران سانگله هل انٽر چينج جو افتتاح

سانگله هل (پاکستان نیوز پوائنٹ 11نومبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف فيصل آباد – پنڊي ڀٽيان موٽر وي سڪشن تي سانگله هل انٽر چينج جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، ان منصوبي سان شهر ۽ ڀرپاسي جا علائقا موٽر وي سان سڌو سنئون ڳنڍجي ويندا. سانگله هل انٽر چينج تي ٻه ٽول پلازن جي ڊيگهه 3.7 ڪلوميٽر آهي. منصوبي جي تعمير تي 29 ڪروڙ 92 لک لاڳت ايندي، انٽر چينج جي افتتاح جي موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وزير برجيس طاهر، مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ ۽ پارليامينٽ جا ميمبر موجود هئا. انٽر چينج لکين عوام کي لاهور، اسلام آباد ۽ سرگوڌا تائين آسان رسائي ڏيندو. انٽر چينج سان چنيوٽ، چڪ جهمره فيصل آباد ۽ جهنگ تائين رسائي ٿيندي، فيصل آباد ۾ تعمير ٿيندڙ انڊسٽريل زون جي ڪمرشل ٽريفڪ به انٽرچينج مان فائدو کڻي سگهندي. سانگله هل جي مقام تي انٽر چينج جي تعمير مقامي آبادي جو پراڻو مطالبو هو. منصوبي جي تڪميل سان لکين ماڻهن کي آسان سفري سهولتون ميسر اينديون. منصوبي سان زرعي ۽ صنعتي ترقي جي ذريعي معاشي خوشحالي جي راهه به هموار ٿيندي.