سينيٽ جي اختيارن جي منتقلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي اختيارن جي منتقلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

ڪراچي (پاکستان نیوز پوائنٹ 10نومبر2016ء) سينيٽ جي اختيارن جي منتقلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر مير ڪبير احمد محمد شاهي چيو آهي ته صوبن جي مسئلن جي حل لاءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس جلد منعقد ٿيڻ گهرجي، ارڙهين ترميم تحت صوبن کي اختيارن جي منتقلي جو عمل مڪمل ٿي چڪو هجي ها ته سينيٽ کي ڪميٽي بڻائڻ جي ضرورت نه پوي ها. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه خميس ڏينهن سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي آفيس ۾ منعقد اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اسان جي هر ڪوشش آهي ته وفاق ۽ چئني صوبن سان گڏجي اختيارن جي منتقلي جو معاملو سٺي طريقي سان انجام تائين پهچي. هن چيو ته اسان سنڌ حڪومت طرفان پيش ڪيل خدشا ٻڌا آهن تمام جلد خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جي حڪومتن سان گڏجاڻيون ڪري بهتر نتيجي تي پهچنداسين، هن چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي گڏجاڻي 90 ڏينهن اندر ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي گڏجاڻي باقاعدگي سان نه ٿيڻ سبب صوبن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڏکيائي درپيش آهي، ان کان اڳ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي قدرتي وسيلن جي حوالي سان صوبن ۽ وفاق ۾ فنڊن جي ورڇ، پورٽ اينڊ شپنگ واري وفاقي وزير مير حاصل خان بزنجو ڪورنگي فشنگ هاربر ۽ نيشنل هيلٿ اينڊ سيڪيورٽي واري وفاقي سيڪريٽري محمد ايوب صحت جي حوالي سان درپيش مسئلن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي معاملي تي ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سينيٽر نواب سيف الله مگسي، طاهر حسين مشهدي، نثار محمد، تاج حيدر، محمد عثمان ڪاڪڙ، عطاءُ الرحمان، سسئي پليجو ۽ سعيد غني شرڪت ڪئي.