سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 9نومبر2016ء) سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ خميس ڏينهن ٽپهري جو پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر سليم مانڊوي والا ڪندو. اجلاس ۾ ايف بي آر جا عملدار ڪميٽي کي جمع ڪيل ٽيڪس ۽ شارٽ فال سال 17 -2016ع تي بريفنگ ڏيندا. بجيٽ ۾ مخصوص ڪيل فنڊن تي به ڪميٽي کي بريفنگ ڏني ويندي.