پاڻي ۽ بجلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

پاڻي ۽ بجلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 7نومبر2016ء) پاڻي ۽ بجلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر غوث محمد خان نيازي جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ سينيٽر شيري رحمان جي سينيٽ ۾ سنڌ طاس منصوبي بابت التوا واري رٿ، واپڊا ۾ گذريل هڪ سال کان ڪانٽريڪٽ ۽ ڊيلي ويجز ملازمن جي ڀرتين، مالاڪنڊ ضلعي ۾ خادو، بٽ خيل، گرڊ اسٽيشن 220 ڪلوواٽ جي چڪدره، گرڊ اسٽيشن ۽ گذريل 6 مهينن ۾ پيسڪو ۾ وصولين ۽ نقصانن جي ايجنڊا بحث هيٺ آئي، ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ويو ته واپڊا ۾ ڪل 584 ڀرتيون ڪيون ويون، جن ۾ 516 ڪانٽريڪٽ ۽ 68 ڊيلي ويجز آهن، واپڊا 3 ارب ساليانو پينشنرن کي ادائيگيون ڪندو آهي، ڀرتيون نه ٿيڻ سبب 23 سيڪڙو افرادي قوت جي گهٽتائي درپيش آهي، واپڊا ايڪٽ آف پارليامينٽ تحت قائم ڪيل خودمختياري اٿارٽي طور تي ڪم ڪري ٿي، خالي جاين تي ٿيندڙ هن مهيني جي ٽيسٽ اين ٽي ايس بدران واپڊا پاڻ وٺندو، واپڊا جي چيئرمين لفيٽننٽ جنرل (ر) مزمل حسين ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته اين ٽي ايس جا نتيجا غير تسلي بخش هوندا آهن، واپڊا ۾ ڀرتي ڪميٽيون موجود آهن ۽ هر قسم جي گريڊ جي مقرري لاءِ ماهر به آهن، سينيٽر نعمان وزير خٽڪ چيو ته واپڊا جي اٿارٽي، خودمختيار اداري ۽ پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزارت جي نگراني جي حوالي سان ايندڙ اجلاس ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي. سينيٽر دائود اچڪزئي چيو ته اين ٽي ايس بدران واپڊا پنهنجي پاليسي تي عمل ڪري پاڻ ٽيسٽ وٺي، اين ٽي ايس جو چيئرمين جعلي ڊگري ثابت ٿيڻ تي ٻاهرين ملڪ ڀڄي ويو آهي، سينيٽر نثار محمد چيو ته واپڊا ريڪورمينٽ رول موجود آهن، پنهنجي نظام تحت مقرريون ڪيون وڃن، سينيٽر نعمان وزير خٽڪ چيو ته اين ٽي ايس جوابده نه آهي، واپڊا پاڻ ڀرتيون ڪري جيڪو جوابده به آهي، سينيٽر شيري رحمان سنڌ طاس منصوبي جي حوالي سان چيو ته ڀارت دريائن تي ڊيم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، بگليهار ۽ ڪشن گنگا ڊيم ٺهي ويا، وڌيڪ ڊيم ٺاهڻ سان منگلا ڊيم تي خراب اثر پوندا، سنڌ طاس منصوبي تي نظرثاني گڏيل مشاورت سان ٿيڻ گهرجي، ڀارت اسان جو پاڻي روڪي رهيو آهي، اسان کي ڏسڻو آهي ته اسان کي ڇا ڪرڻو آهي، سينيٽر نثار محمد چيو ته سنڌ طاس معاهدي جو معاملو حساس فني ۽ قانوني آهي، تفصيلي بحث لاءِ سينيٽ جي چيئرمين سان ڳالهه ٻولهه ڪري ان کي پوري ايوان جي ڪميٽي ۾ آندو وڃي، جنهن ۾ فني ماهر تفصيلي آگاهي ڏين، سينيٽر غوث محمد نيازي چيو ته سنڌ طاس معاهدو ۽ پاڪستان جي اندر پاڻي جي مسئلن کي به بحث هيٺ آندو وڃي، پهرين اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي قائم ڪري تفصيلي بحث کانپوءِ سڄي ايوان جي ڪميٽي ۾ بحث ڪرايو وڃي، پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري محمد يونس ڍاگا چيو ته رتلي ڊيم تي اسان وقت سر قدم کڻي رهيا آهيون، ڀارت دريائن جو پاڻي گڏيل معاهدي تحت ئي استعمال ڪري سگهي ٿو، ڀارت جيڪڏهن عالمي معاهدن کي ٽوڙي پاڻي جي جارحيت تي لهي ٿو ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو، سنڌ طاس معاهدي کانسواءِ ٻيا به عالمي ڪنوينشن موجود آهن ۽ ان کانسواءِ به حل آهن، 2016ع کان نيشنل واٽر پاليسي تي ڪم شروع آهي، صوبن سان مشاورت کانپوءِ نيشنل واٽر پاليسي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ پيش ڪئي ويندي، سينيٽر نعمان وزير خٽڪ ۽ نثار محمد چيو ته ٽيلي ميٽري سسٽم ۽ توانائي جي هوا ۽ شمسي توانائي، ڪوئلي ۽ فيول ميڪس جي سڀني پبلڪ سيڪٽر منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏيڻ گهرجي، پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري چيو ته هائيڊل جي 7 ۽ ٿرمل جي 3 توانائي منصوبن جا تفصيل ايندڙ اجلاس کان اڳ فراهم ڪيا ويندا، اجلاس ۾ سينيٽر نثار محمد، دائود خان اچڪزئي، عطاءُ الرحمان، غوث محمد خان نيازي، ظفر الله خان ڍانڍلا، احمد حسن، نعمان وزير خٽڪ، پاڻي ۽ بجلي وارو وفاقي سيڪريٽري محمد يوسف ڍاگا، واپڊا جو چيئرمين جنرل (ر) مزمل حسين، پيسڪو جو چيف ايگزيڪيٽو آفيسر انوار الحق کانسواءِ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.